حج جا رڪن شروع، لکين حاجي منيٰ پهچڻ لڳا

رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ حج جا مناسڪ شروع ٿي ويا ۽ لکين حاجي سڳورا خيمن واري شهر منيٰ پهچڻ لڳا آهن، جڏهن ته  حاجين جي منيٰ پهچڻ جو سلسلو اڄ منجهند تائين جاري رهندو، حاجي سڳورا منيٰ ۾ قيام ڪندا، جڏهن ته اڄ حج جي سڀ کان اهم رڪن وقوفِ عرفه لاءِ منيٰ کان عرفات روانا ٿيندا، سعودي موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته حج جي ڏينهن دوران مڪي شريف ۾ سخت گرمي پئجي سگهي ٿي، موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته حج دوران هوا ۾ نمي جو تناسب 40 سيڪڙو رهندو، جڏهن ته کليل علائقن ۾ مٽيءَ واريون هوائون هلڻ جو به امڪان آهي، سعودي خابرو ادارن موجب اختيارين حاجين کي هدايتن تي عمل ڪرڻ، وڌيڪ پاڻي پيئڻ ۽ سخت گرمي ۾ پاڻ کي محفوظ رکڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.