پنڪي رابطا نيٽ ورڪ ۾ ڪامورن، سفارتي ۽ بااثرن جا نالا شامل

اسلام آباد (بيورو) ڪراچي ۾ منشيات ڪيسن ۾  گرفتار انمول عرف پنڪي جي مبينا رابطن واري نيٽ ورڪ ۾ بيوروڪريٽس، سفارتي ۽ بااثر شخصيتن جا نمبر به سامهون اچي ويا، تفصيل موجب پاڪستان ۾ مبينا طور ليڪ ٿيل هڪ حساس جاچ رپورٽ نه رڳو سوشل ميڊيا پر سرڪاري، سفارتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حلقن ۾ به ڳڻتي جي نئين لهر پيدا ڪري ڇڏي، دستياب ڊيٽا ۽ اسپريڊ شيٽ جي شروعاتي جائزي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها صرف ڪجهه فون نمبرن جي فهرست نه پر هڪ وسيع رابطن واري نيٽ ورڪ جو خاڪو لڳي ٿي، جنهن ۾ مختلف شهرن، شعبن ۽ بااثر حلقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جا رابطا شامل ڏسڻ ۾ اچن ٿا،ٻئي طرف پنڪي ڪيس ۾ ڪراچي پوليس مني لانڊرنگ ۽ سائبر ڪرائمز جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي کان مدد گهري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.