امدادي ڪارڪنن سان بدسلوڪي تي فرانس پاران اسرائيلي انتهاپسند وزير تي بندش

پيرس(م ڊ) فرانس اسرائيل جي انتها پسند قومي سلامتي وزير اتمر بين گوئر کي فرانسيسي علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي  ڇڏيو آهي. فرانسيسي پرڏيهي وزير جين نوئل بارو فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو قدم غزه فلوٽلا جي ميمبرن سان ٿيندڙ سلوڪ تي وڌندڙ بين الاقوامي ڪاوڙ کي ظاهر ڪري ٿو. فرانسيسي پرڏيهي وزير سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو ته  اتمر بين گوير کي اڄ کان فرانسيسي علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان منع ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو، پنهنجي اطالوي هم منصب سان گڏ، يورپي يونين کي اتمر بين گوئر خلاف پابنديون لاڳو ڪرڻ جو به مطالبو ڪري رهيو آهي. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، مغربي حڪومتن طرفان سخت رد عمل آيو جڏهن بين گوئر هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هن غزه فلوٽلا جي ڪارڪنن جو مذاق اڏايو، ۽ ڪجهه ڪارڪنن بعد ۾ الزام لڳايو ته حراست دوران انهن سان جسماني زيادتي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.