ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سماجي اڳواڻ سعد ايڌي، جيڪو غزه لاءِ روانو ٿيل بحري امدادي قافلي “صمود فلوٽيلا” ۾ شامل هو، اسرائيلي فوج جي حراست مان آزاد ٿيڻ بعد وطن واپس پهچي ويو آهي،ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، جتي سندس گهرواري ۽ ننڍڙي ڌيءَ پڻ موجود هئي۔وطن واپسي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد ايڌي ٻڌايو ته سندن مشن غير هٿياربند ۽ مڪمل طور انساني امداد تي ٻڌل هو، جنهن جو مقصد بک ۽ ڏڪار جو شڪار مظلوم فلسطيني عوام ۽ ٻارن تائين خوراڪ ۽ دوائون پهچائڻ هو۔هن ٻڌايو ته سندن سفر 14 مئي تي شروع ٿيو هو، پر غزه کان 200 ناٽيڪل ميل پري عالمي سمنڊ ۾ اسرائيلي فوج کين زبردستي گرفتار ڪري ورتو۔سعد ايڌي اسرائيلي قيد دوران ٿيل مبينا ظلم بابت ٻڌائيندي چيو ته سندن قافلي ۾ 180 ماڻهو شامل هئا، جن کي ٻه راتيون سامونڊي جهاز تي محصور رکيو ويو۔هن موجب شديد تشدد سبب 35 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته 15 ماڻهن سان جنسي زيادتي ڪئي وئي۔ حراست دوران کين خوراڪ طور صرف ڊبل روٽي ۽ پاڻي ڏنو ويندو هو۔هن وڌيڪ چيو ته ٽن ڏينهن بعد جڏهن کين اسرائيل پهچايو ويو ته اتي به غير انساني ورتاءُ جاري رهيو ۽ کين اهڙي ڪوٺڙي ۾ بند ڪيو ويو جتي آزادي جي ڪا اميد نظر نه ٿي آئي۔ ان ظلم خلاف هنن بک هڙتال ڪئي ۽ صرف پاڻي پي وقت گذاريو،هن موجب اسرائيلي اهلڪار قيدين کي سمهڻ نه ڏيندا هئا ۽ ان مقصد لاءِ سندن اکين تي ليزر لائيٽون هڻندا هئا، جڏهن ته قيدخاني جي فرش تي ڄاڻي واڻي پاڻي هاري کين ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گوڏن ڀر ويهاري تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو۔هن چيو ته جن ماڻهن وٽ آمريڪي يا يورپي پاسپورٽ نه هئا، انهن سان وڌيڪ ظلم ڪيو ويندو هو، جڏهن ته پنهنجي حڪومت خلاف ڳالهائيندڙ آمريڪي شهرين کي به نشانو بڻايو ويندو هو۔هن چيو ته مٿس چار ڏينهن تائين خوفناڪ تشدد ڪيو ويو، پر فلسطيني عوام گذريل 80 سالن کان اهو ظلم برداشت ڪري رهيو آهي،هن حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته فلسطين جو مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪري۔