ڪراچي/ شڪارپور (عوامي آواز نيوز) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي حڪم تي سنڌ پوليس شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪامياب آپريشن ڪندي پشاور مان اغوا ٿيل 11 ورهين جي نينگري حورم سعيد پٺاڻ کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته هڪ اغواڪار ۽ مرڪزي ڌاڙيل عبدالوحيد عرف مُلا مارجي ويو ۽ ڪيترائي ڌاڙيل زخمي ٿي پيا، پوليس پاران جاري پڌرائي موجب پشاور مان اعوا ٿيل نينگري حورم سعيد پٺاڻ کي آزاد ڪرايو ويو، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڪامياب آپريشن تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سڄي پوليس ٽيم کي شاباس ڏيندي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ روڪ انعامن ۽ تعريفي سندن جو اعلان ڪيو، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پشاور سان واسطو رکندڙ 11 ورهين جي نينگري حورم سعيد پٺاڻ جي اغوا بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کي نينگري جي باحفاظت بازيابي لاءِ حڪم جاري ڪيا هئا، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم، آءِ جي سنڌ جي هدايت تي عمل ڪندي شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ۾ ٻه ڏينهن اڳ سخت آپريشن شروع ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 مئي تي لاهور جي رهواسڻ جنيفر عامر مسيح، جيڪا نوڪري جي بهاني اغوا ٿي هئي، جڏهن ته پشاور سان تعلق رکندڙ حورم سعيد پٺاڻ کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو، آپريشن دوران ٻه اغواڪار ڌاڙيل عبدالوحيد عرف مُلا ۽ ياسين بنگلاني پڻ مارجي ويا، آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن بهادري، پيشه ورانه مهارت، جرئت ۽ جوانمردي جو مظاهرو ڪندي مغوي نينگرين کي باحفاظت بازياب ڪرايو، جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي، هن چيو ته شڪارپور پوليس ۽ آپريشن ۾ شامل آفيسر ۽ جوان شاباسي جا حقدار آهن جن پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهي معصوم نينگرين کي بازياب ڪرايو، جڏهن ته پشاور مان اغوا ٿيل نينگري حورم سعيد پٺاڻ جي آزادي لاءِ ڪي پي مان وڏي انگ ۾ پٺاڻ هٿيار کڻي نڪتا هئا جيڪي نينگري جي آزادي تائين ڪچي طرف روان دوان هئا، جن جون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون.