اها پوري ملڪ کي خبر هوندي ته بجيٽ جو انظار ڀلي ڪو ڪري نه ڪري پر سرڪاري ملازمن جو پورو ڌيان بجيٽ ڏانهن هوندو آهي، ڇو جو بجيٽ سرڪاري ملازم اهو آسرو هوندي آهي، جنهن مان سرڪاري ملازمن کي اميدون هونديون آهن ته ٿي سگهي ٿو هن بجيٽ ۾ ڪا اهڙي پگهارن ۾ واڌ وري خبر انهن کي ملي پوي جنهن مان هو ان مهنگائيءَ جي باهه سان منهن ڏئي سگهن
مان سنڌ جي سڀ کان وڏي سرڪاري ملازم تنظيم آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسئيشن (ايپڪا) جو صوبائي صدر آهيان، هڪ ملازم اڳواڻ هجڻ جي ناتي مون کي پنهنجي ملازمن جي تڪليفن، دردن، اهنجن توڙي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي. مهانگائي ۾ گهاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو آهي پر پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو. جيتوڻيڪ سکر کان ڪراچي سي ايم هائوس تائين احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن ذريعي ننڊ پيل حڪمرانن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر حڪمرانن اگهور ننڊ ستل آهن، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيڻ سان گڏ رروزانو جي استعمال هيٺ ايندڙ شين جي اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن. تنهن ڪري پگهار مان گهر جي بجيٽ ٺاهڻ ۽ سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ نا ممڪن بڻجي ويو آهي. ملازم پگهارمان بجلي، گئس جو بل ادا ڪندو، يا گهر کان آفيس يا ٻين ڪمن لاءِ ويندڙ پيٽرول جو خرچ برداشت ڪندو.ٻارڙن جي تعليم لاءِ ڳريون فيسون ادا ڪندو. اهڙي ريت بيماري ۾ جيڪڏهن اسپتال علاج لاءِ وڃجي ته ڊاڪٽرن جي فيس به گهٽ ۾ گهٽ صرف چڪاس جي 1000 روپين تائين آهي وري دوائن جا اگهه به پيٽرول جي اگهن جيان ٻيڻا، ٽيڻا ٿي چڪا آهن. برادري، مٽن، مائٽن دوستن سان اٿڻ ويهڻ يعني خوشي توڙي ڏک ۾ اچ وڃ دوران به وڏو خرچ اچي ويندو آهي. ڪيترائي اهڙا ملازم به آهن جن وٽ پنهنجو اجهو يعني گهر به ناهي اُهي گهر جو به ڪرايو ادا ڪندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پگهارمان گذارو ڪرڻ نا ممڪن آهي تنهن ڪري ملازم معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، جيڪي گهر جو چرخو هلائڻ جي لاءِ قرض يا وري سڄو ڏينهن ڊيوٽي ڪرڻ کانپوءِ وري رات جي وقت ڪو روزگار ڪندا آهن.
پر حڪمرانن توڙي اختيارين کي اِن جو ڪو احساس اِن ڪري به ناهي جو هو پاڻ عيش ۽ عشرت جي زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌ حڪومت ملازمن کي ميڊيڪل الائونس، هائوس رينٽ الائونس، ڪنوينس الائونس 2008 جي حساب سان ڏئي رهي آهي. 18 سال گذرڻ باوجود ملازم پراڻن الائونسز ۽ محدود سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن مهانگائي واري دور ۾ 16 گريڊ جي ملازمن کي هائوس رينٽ جي مد ۾ صرف 2727 رپيا ۽ ميڊيڪل الائونس جي مد ۾ 1500 رپيا ڏنا پيا وڃن. ڇا ڪو معاشي ماهر ٻڌائي سگهندو ته هن مهانگائيءَ واري دور ۾ 2727 رپين ۾ پاڪستان جي ڪهڙي شهر ۾ گهر ڪرائي تي ملي سگهندو. 1500 رپين ۾ ڪهڙي ميڊيڪل جي سهولت ملندي. مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ڊاڪٽر صرف چڪاس عيوض هڪ هزار روپيا فيس وصول ڪري ٿو، دوائون ان کان اڳ ۽ ٻيهراچڻ وردي ڏيڻ جو الڳ چيو ويندو آهي. هائوس رينٽ يا ميڊيڪل الائونس طئي ڪندڙ حڪومتي اختياريون پاڻ وڏن بنگلن ۾ رهائش پذير آهن، بهتر علاج لاءِ ملڪ جي وڏين مهانگي اسپتالن يا وري ٻاهران علاج ڪرائين ٿا. پر ننڍي ملاز کي بهتر علاج جي سهولت به موجود ناهي. آئين سڀني کي برابري جا حق ڏئي ٿو پر هِتي رياست اندر رياست ٺاهي وئي آهي، حڪمرانن، وزيرن، مشيرن يا بيورو ڪريٽس لاءِ الڳ قانون ۽ هيٺين گريڊ جا ملازم جن جي ڪلهن تي ئي سڄي ڪم جو بار هجي ٿو اُنهن کي مناسب علاج جي سهولت به موجود ناهي. هڪ ملڪ ۾ بٽو معيارڪنهن به صورت ۾ جائز ناهي. حقيقت اها آهي ته موجوده مهانگائيءَ ۾ اهي الائونس سرڪاري ملازمن سان مذاق برابرآهن حڪومت کي گهرجي ته هائوس رينٽ، ميڊيڪل ۽ ٻين الائونسز ۾ موجوده مهانگائيءَ جي حساب سان اضافو ڪيو وڃي، ته جيئن سرڪاري ملازم به عزت ۽ سڪون سان پنهنجي خاندان جو گذر سفر ڪري سگهن. لکين ملازمن سان ويساهه گهاتي، ناانصافين جو سلسلو هِتي ختم نٿو ٿئي. لکين سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ماهوار گروپ انشورنس ۽ بينيولنٽ فنڊ جي مد ۾ هر مهيني ملازمن جي ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، جيڪا اصل ۾ ملازمن جي پنهنجي رقم آهي، پر افسوس جو سنڌ حڪومت رٽائرمينٽ وقت اهي بقاياجت مڪمل طور ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. بلوچستان حڪومت سرڪاري ملازمن کي رٽائرمينٽ وقت گروپ انشورنس ۽ بينيولنٽ فنڊ واري رقم ادا ڪري ٿي. جڏهن تہ سنڌ ۾ ملازم پنهنجي جائز حقن کان به وانجهيل آهن. ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنن لاءِ هميشه “خزانو خالي” هجڻ جو جواز پيش ڪيو ويندو آهي، پر ٻئي طرف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ وزير پنهنجي پگهارن ۾ 700 کان 800 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏن ٿا. پيٽرول، گئس، بجلي به انهن کي فري ڏني ويندي آهي. هيلٿ توڙي اڻ ڳڻيون سهولتون به انهن کي ڏنيون وينديون آهن. سرڪاري ملاز جيڪي ملڪ جي ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، اڄ سخت معاشي دٻاءَ، قرضن ۽ مايوسين سبب ذهني اذيتن جو شڪار آهن۔ وڏي جدوجهد گرمي توڙي سرديءَ ۾ روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ کانپوءِ ملازمن جي پگهارن ۾ معمولي 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. پر انهن ئي پگهارن مان 20 سيڪڙو تائين انڪم ٽيڪس ڪٽيو ڪئي وڃي ٿي۔ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس سرڪاري ملازمن کان وصول ڪيو وڃي ٿو، ايف بي آر جي رپورٽ موجب هر سال وانگر هن سال به ملڪ جي وڏن واپارين، بلڊرز، ڪاروبار ڪندڙن، دڪاندارن ۽ ايڪسپورٽرز جي ڀيٽ ۾ سرڪاري ملازمن وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو آهي۔
سال 2026ع دوران ايف بي آر جي انگن اکرن مطابق، سرڪاري ملازمن صرف اٺن مهينن اندر 365 ارب رپيا ٽيڪس قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن، جيڪو نه صرف هڪ اهم رڪارڊ آهي، پر ملڪ خاطر ملازمن جي وڏي قرباني ۽ ذميواريءَ جو به واضح ثبوت آهي۔ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي باوجود سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ مناسب اضافو نه ڪيو ويو آهي، ليو انڪيشمينٽ، ڊسپيرٽي الائونس ۽ پينشن سميت ٻين مراعتن ۾ به ملازم سڀ کان وڌيڪ پوئتي نظر اچن ٿا۔ پر ٽيڪس ڪٽوتي باوجود کين مناسب مراعتون ۽ سهولتون فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن۔ حڪومت هر سال مهانگائي ۾ واڌ ڪري رهي آهي، پر ان جي مقابلي ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ مناسب اضافو نه ٿيڻ سبب هزارين سرڪاري ملازم معاشي بدحالي جو شڪار بڻجي رهيا آهن۔ ملازمن جي معاشي صورتحال، حڪمرانن جي بي حسي، لاپرواهي، بي ڌياني جو اندازو اِن ڳالهه مان لڳائي سهجي ٿو ته ملازم ورهين کان ساڳي اسڪيل ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، وڏي انگ ۾ ملازم جنهن گريڊ ۾ ڀرتي ٿي ساڳي گريڊ ۾ ئي رٽائرڊ ٿي ويا آهن. حقن جي حاصلات لاءِ قانوني رستو اختيار ڪرڻ دوران لاڳاپيل اختيارين اسان جي مطالبن کي جائز قرار ڏيندي خاطريون، يقين ڌيانيون به ڪرايون آهن پر عملي طور تي هن وقت تائين ملازمن کي قانوني، آئيني ۽ جائز حق ناهن ڏنا ويا. حڪومت کي ملازمن جي تڪليفن، اهنجن جو احساس ڪندي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کييرهيل مراعتون، گروپ انشورنس، بينيولنٽ فنڊ واري رقم فوري طور ادا ادا ڪئي وڃي، ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.ميڊيڪل الائونس، هائوس رينٽ الائونس، ڪنوينس الائونس ۽ ٻين الائونس ۾ به مهانگائي جي حساب سان فوري اضافو ڪيو وڃي.ورهين کان ترقين جي انتظار۾ ويٺل سينيئر ملازمن کي ترقيون ڏنيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت ملازمن جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ته لکين ملازم پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن نڪري پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا
(ليکڪ: صوبائي صدر ايپڪا سنڌ)