تهران (ويب ڊيسڪ) يراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ٻڌايو آهي ته آمريڪا جا ضرورت کان وڌيڪ مطالبا جاري امن ڳالهين جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن.
ايراني ميڊيا موجب، عباس عراقچي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آمريڪا ماضي ۾ ٽٽل واعدن، تڪراري موقفن ۽ فوجي اڳرائيءَ ذريعي سفارتڪاري کي بار بار هاڃو رسايو آهي، جڏهن ته ان باوجود ايران پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ سنجيدگيءَ سان شريڪ آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت موجب، گوتريس ڪنهن به رياست جي خودمختياريءَ خلاف طاقت جي استعمال کي رد ڪيو ۽ خطي ۾ استحڪام جي بحاليءَ لاءِ سفارتي عمل جاري رکڻ تي زور ڏنو.