پنهنجو فرض آهي ته حڪمرانن کي چڱائي جو رستو ڏيکاريون ۽ هتي عوام جي جذبن ۽ خواهش جي نبضن تي هٿ رکي سندن ترجماني ڪريون. حقيقت اها آهي ته ملڪي ادارا ۽ انهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کان حال احوال وٺبو ته هر ڪو پنهنجا وار پٽيندو نظر ايندو ته پيسا ناهن، پگهارون ناهن. ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن جي حاضرين کي ته يقيني بڻائڻ جا سخت حڪم ناما جاري ٿين ٿا ۽ آفيسر توڙي ملازم پگهار ملي ٿي يا نه پنهنجي خرچ تي ڪيئن به ڪري ڊيوٽين تي پهچي وڃن ٿا پر کين ڪم جو عيوضو وقت تي نٿو ملي. گهر هلائڻ، گهرن جا بل ادا ڪرڻ ته ٺهيو ڀاڙا خرچ ڪري آفيسن تائين پهچڻ لاءِ به قرض وٺي اچڻو پوي ٿو. اسٽيل مل ۽ پي آءِ اي جهڙا ادارا اسان تباهه ڪيا، پي ٽي وي جهڙو شاندار ادارو ميوزم جهڙو بڻجي ويو آهي، ميڊيا جا ادارا دانهون ڪري رهيا آهن ته اشتهارن جا پيسا نٿا جاري ٿين، ٻيو ته ڇڏيو يونيورسٽين جهڙا وڏا تعليمي ادارا مالي بحران جي ور چڙهي ويا آهن. ڪراچي يونيورسٽي جا استاد 15 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺا آهن ته اسان کي نه پگهارون ٿيون ملن نه ئي الائونس. هاڻي ته امتحاني پيپر شايع ڪرڻ لاءِ به ادارن وٽ پيسا ناهن. ايئن سڀئي سرڪاري ادارا، ضلعي ۽ يوسي سطح جون انتظاميائون دانهون ڪري رهيون آهن ته نه فنڊ آهن نه ئي پگهارون آهن ته پوءِ هي ادارا ڪيئن هلايون. ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي مهينن جي مهينن جون پگهارون نه ٿيون ملن. پگهارون گهرجن ٿيون ته کتو جواب ڏنو وڃي ٿو ته حالتون اهڙيون ئي آهن جيڪو ڪم ڪري سو ڪري نه ڪري ته هليا وڃو.
هاڻي جيڪڏهن سرڪاري ادارن جا اهي حال هجن ته خانگي ادارن جي ڇا حالت هوندي. اهي صورتحال بظاهر اهو ٻڌائي ٿي ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي ويو آهي پر حقيقت ائين ناهي. ملڪ کي اصل ۾ ڪرپشن کائي وئي آهي فنڊ به آهن ۽ پيسا به آهن پر واسطيدار طاقتون انهن کي پنهنجي چنبي هيٺ رکيو ويٺيون آهن. صاف شفاف نظام ناهي نه ئي اهو حڪمران طبقي جي منشا ۾ شامل آهي.
ملڪ جو حڪومتي نظام يقينن ناڪام آهي، ڇو ناڪام آهي ان جا سئو نوانوي جواب ٿي سگهن ٿا، مثال عام طور تي اهو تاثر هوندو آهي ته جيڪڏهن ملڪ کي سئو سيڪڙو آئين ۽ قانون تي هلائجي ته ڪو سبب ناهي ته ملڪ سنئين دڳ نه هلي سگهي. ٻيو وڏو سبب اهو ڏنو ويندو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ جيئن ته گهڻي کان گهڻو آمريتي ۽ مارشلائي نظام رهيو آهي تنهن ڪري هتي جمهوري نظام جو ٻوٽو اُسري نه سگهيو آهي ۽ ملڪ اندر آمريتي نظام سڌو يا اڻ سڌو ٻنهي طريقن سان حاوي رهيو آهي. انهن مٿي ڄاڻايل ٻن بنيادي سببن جي ڪري ملڪي ادارا مضبوط نه ٿي سگهيا آهن نه ئي ملڪي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ادارا ملڪن جون ملڪيتون، ان جو فخر ۽ زيور هوندا آهن پر غير جمهوري طاقتن جي هر دور ۾ مداخلت سبب اهي ملڪي ادارا ڪمزور کان ڪمزور ٿيندا رهيا آهن. اها به غير جمهوري طاقتن جي خواهش رهي آهي ته ادارن کي خانگائي جان ڇڏائجي يعني وڪرو ڪري يا خانگي ادارن کي هلائڻ لاءِ ڏنا وڃن. ان ڪري ملڪي ادارا غير فعال ٿيندي ٿيندي ڪٻاڙ خاني ۾ وڪرو ڪرڻ جهڙا ٿي ويا آهن.
سو اهو طئي آهي ته ملڪ کي جيڪڏهن مضبوط ڪري هلائڻو آهي ۽ پنهنجن پيرن تي بيهارڻو آهي ته ملڪي ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملڪ کي هلائيندڙ طاقتون ملڪ کي مضبوط ڪرڻ به چاهين ٿيون يا نه بظاهر اهڙي ڪا نيت پري پري تائين نظر نه ٿي اچي. ڇاڪاڻ ته اسان ملڪ کي امدادن ۽ قرضن تي هلائڻ تي هري ويا آهيون ۽ هاڻي پاڻ کان ڪک ٻيڻو ڪرڻ به نٿو پڄي. ڪير ادارا هلائي، ڪير محنت ڪري ۽ ڪير ادارن کي مضبوط ڪري ملڪ کي سڀ ادارا وڪرو ڪجن يا خانگائي ڇڏجن نه رهندو بانس نه ئي وڄندي بانسري.
پنهنجي ته خواهش اها آهي ته جيڪر اسان جو هي موقف يا تجزيو غلط ثابت ٿئي ۽ ايئن ٿئي ٿو ته اسان کي ئي ان جي سڀ کان گهڻي خوشي ٿيندي پر اسان کي اهو لکندي شديد افسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جي حڪمرانن کي ان جي ڪا ڳڻتي ناهي ته ڪو ملڪ مضبوط ٿئي. اسان جي ملڪ اندر صرف ۽ صرف حڪمران طاقتور رهيو آهي جيڪڏهن هي ملڪ آئين ۽ قانون تحت سئو سيڪڙو هلندو ته پوءِ حڪمران طبقو ائين سگهارو نه هوندو جيئن هاڻي آهي. جيڪڏهن ادارا مضبوط ٿيندا ته شخصي نظام نيست ۽ نابود ٿي ويندو پر اسان جي عوام جيان ملڪي ادارا به سادا ۽ معصوم آهن. اهي هاڻي به قومي نغما ٻڌي قومي اتساهه وٺن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اسان جا حڪمران به اهڙي ئي قومي جذبي سان سرشار هوندا ۽ آخرڪار ملڪي ادارن جي مالڪي ٿيندي پر حقيقتون ڪجهه ٻيون آهن جيڪي هاڻي آهستي آهستي عوام ۽ ادارن کي باشعور ڪري رهيون آهن ته اصل ۾ حڪمرانن جي نيت ئي ناهي ته ملڪي ادارا هلن، ڪم ڪن، فعال ٿين ۽ ملڪ توڙي عوام ترقي ڪري. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ملڪ جو هر ادارو خسته حالت ۾ آهي ۽ پري پري تائين ان جي سڌاري جو ڪو امڪان ناهي.
سو آخر ۾ پاڻ ملڪي حڪمرانن کي تجويز ڏينداسين ته اهڙين نا اميدن وارين حالتن ۾ ئي عوام جو صبر جواب ڏئي ويندو آهي ۽ پوءِ اهو بغاوت تي لهي ايندو آهي سو اهڙي وقت اچڻ کان اڳ ئي اکيون پٽجن ته بهتر آهي.