پاڪستاني سياست ۾ آئيني ترميمون هميشه رڳو قانوني نڪتا ناهن رهيون پر طاقت، اختيار ۽ رياستي ڍانچي جي جنگ جو حصو بڻيل رهيون آهن. اڄ جڏهن 28 هين آئيني ترميم جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته سوال رڳو اهو ناهي ته هڪ نئين ترميم ايندي يا نه، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ کي ٻيهر مرڪزيت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي؟ ڇا ارڙهين ترميم ذريعي صوبن کي ڏنل اختيار واپس وٺڻ جي تياري ٿي رهي آهي؟ ۽ ڇا ان پوري راند ۾ پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ڄال ۾ ڦاسي چڪي آهي؟ سياسي منظرنامي کي غور سان ڏسجي ته محسوس ٿئي ٿو ته هڪ خاص ماحول جوڙيو پيو وڃي. پهرين سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا، ڪردار ڪشي، تڪراري ڪيس ۽ مخصوص شخصيتن جي چوڌاري گوڙ پيدا ڪيو ويندو آهي. پنڪي جهڙن معاملن کي اڇلائي فضا کي ايترو گرم ڪيو ويندو آهي جو اصل سياسي ايجنڊا پسمنظر ۾ هلي ويندي آهي. پوءِ اوچتو قومي مفاد ۽ رياستي استحڪام جي نالي تي وڏين آئيني تبديلين جي ڳالهه شروع ڪري ڏني ويندي آهي. اهو ئي طريقو ماضيءَ ۾ به استعمال ٿيو.
پاڪستاني تاريخ جبري يا دٻاءُ تحت ترميمن سان ڀري پئي آهي. 1958ع ۾ مارشل لا لڳو ته آئين ئي ويڙهي ڇڏيو ويو. پوءِ جنرل ايوب خان 1962ع جو آئين متعارف ڪرايو جنهن ۾ صدارتي نظام ذريعي سموري طاقت مرڪز ۾ گڏ ڪئي وئي. صوبائي خودمختاري ڪمزور ٿي ۽ فيصلا چند هٿن تائين محدود ٿي ويا. نتيجو اهو نڪتو جو اڀرندي پاڪستان ۾ احساسِ محرومي وڌندو ويو ۽ آخرڪار ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو. اهڙي طرح جنرل ضياءُ الحق 8 هين ترميم ذريعي پارلياماني نظام کي ڪمزور ۽ صدر کي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اختيار ڏنو. ان ترميم چونڊيل حڪومتن کي غير مستحڪم ۽ جمهوريت کي مسلسل دٻاءُ ۾ رکيو. پوءِ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ 17 هين ترميم آئي جنهن سندس اختيارن کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو. هر دور ۾ دليل هڪ ئي ڏنو ويو ته ملڪي استحڪام لاءِ اهو سڀ ضروري آهي، پر حقيقت ۾ طاقت جو توازن عوام کان پري ۽ چند ادارن ڏانهن منتقل ٿيندو ويو.
اهڙي ماحول ۾ 2010ع جي ارڙهين ترميم هڪ وڏي آئيني اڳڀرائي سمجهي وئي. ان ترميم ذريعي صوبن کي تعليم، صحت، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ اختيار ڏنا ويا. گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي مضبوط ڪيو ويو ۽ مرڪز جي اجاره داري ۾ گهٽتائي آندي وئي. پيپلز پارٽي ان کي پنهنجي سڀ کان وڏي سياسي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته ان ترميم وفاق کي نسبتاً متوازن بڻائي ڇڏيو. هاڻي جيڪڏهن واقعي 28 هين ترميم ذريعي اختيار واپس مرڪز ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته اها رڳو هڪ آئيني تبديلي نه هوندي پر ارڙهين ترميم جي فلسفي کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ سياسي حلقن ۾ ته اها ئي بي چيني آهي. سوال اهو به آهي ته ڇا پيپلز پارٽي ان دٻاءُ کي برداشت ڪري سگهندي يا وري ڪنهن ڊيل ۾ وڏي آئيني قرباني ڏئي ڇڏيندي؟ بلاول ڀٽو زرداري کي وزارتِ عظميٰ تائين پهچائڻ جي خواهش ڪا ڍڪي ڇپيل ڳالهه ناهي. پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ايندڙ سياسي سيٽ اپ ۾ جيڪڏهن کيس اقتدار جو وڏو حصو ملي ٿو ته اها وفاقي سطح تي پنهنجي وڃايل طاقت بحال ڪري سگهي ٿي.
پر پاڪستاني سياسي تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به جماعت کي مڪمل آزاديءَ سان کيڏڻ جو موقعو ملندو ئي ناهي. سياسي جماعتون وقتي سياسي فائدي لاءِ اڪثر اهڙا معاهدا ڪري ئي وٺنديون آهن جن جي قيمت بعد ۾ قوم چڪائيندي آهي.
قومي سياست اڄ وري ان ئي موڙ تي آهي جتي پهرين سياسي دٻاءُ وڌايو ويندو، پوءِ ميڊيا ذريعي ماحول جوڙيو ويندو، پوءِ چيو ويندو ته ملڪ بحران ۾ آهي، ان ڪري غير معمولي قدم ضروري آهن. ۽ آخر ۾ سياسي جماعتن کي هڪ پيج تي آڻي آئيني تبديلي منظور ڪرائي ويندي جنهن کي جمهوري اتفاقِ راءِ جو نالو ڏئي سگهبو. ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي ڇا واقعي ارڙهين ترميم جي دفاع تي بيهندي يا اقتدار جي سياست کيس خاموش سمجھوتي ڏانهن وٺي ويندي؟ جيڪڏهن پارٽي ڪمپرومائيز (سمجهوتو) ڪيو ته سنڌ سميت ننڍن صوبن ۾ ان جي سياسي ساک سخت متاثر ٿي سگهي ٿي ڇو ته ارڙهين ترميم رڳو هڪ قانوني دستاويز ناهي پر وفاقي اڪائين جي اعتماد جي علامت آهي. پاڪستان جي تاريخ اهو سبق ڏئي ٿي ته جڏهن به آئين کي طاقت جي زور تي موڙيو ويو، وقتي طور تي ته تجربو ڪامياب نظر آيو پر ڊگهي مدي ۾ رياست ڪمزور ٿي. صوبائي حق دٻائڻ سان محروميون وڌنديون آهن، سياسي انجنيئرنگ سان جمهوريت ڪمزور ٿيندي آهي ۽ مصنوعي استحڪام گهڻو وقت قائم ناهي رهندو. اڄ جيڪڏهن واقعي 28 هين ترميم جي راند شروع ٿي چڪي آهي ته قوم کي رڳو سياسي نعرن سان نه پر آئيني حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته آئين رڳو سياستدانن يا سياسي جماعتن جو معاهدو ناهي پر وفاق جو بنياد هوندو آهي. ۽ جڏهن بنياد نشانو بڻيل هجن ته پوءِ رڳو حڪومتون ناهن، پورو نظام لوڏا کائڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.