بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب 82 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، چين جي شهر چينگ زي جي ليوشين يو ڪوئلي جي کاڻ ۾ گذريل شام گئس ڀرجي وڃڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ شروعاتي طور تي 8 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو هو.
انب کانپوءِ پرڏيهي ميڊيا چيني اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 82 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي.