تهران (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل جي اهم ايراني شخصيتن سان ملاقاتن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري آهن ۽ ان سلسلي ۾ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي ايران ۾ موجود آهن.
ايراني اختيارين موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير تهرام ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، امن، استحڪام ۽ اولهه ايشيا جي سيڪيورٽي بابت سفارتي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ياد رهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير گذريل ڏينهن ايران جي دوري تي پهتو هو، جتي ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سندس شاندار آجيان ڪئي هئي.
ٻئي پاسي گهرو وزير محسن نقوي اڳ ۾ ئي ايران ۾ موجود آهي، جتي هن ايران جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ آمريڪا سان جاري تڪرارن گهٽائڻ بابت کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.