لاهور (ويب ڊيسڪ) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي هلائي ويندڙ پهرين خاص ٽرين اڄ ڪوئيٽا مان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي.
ريلوي اختيارين موجب، پاڪستان ريلويز عيدالاضحيٰ تي ملڪ جي مختلف شهرن وچ ۾ ٽي خصوصي ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ريلويز جي ترجمان موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين ڪوئيٽا مان راولپنڊي لاءِ اڄ صبح 10 وڳي رواني ٿيندي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته 8 اڪانومي بوگين ۽ هڪ پاور وين تي ٻڌل اها عيد اسپيشل ٽرين سبِي، جيڪب آباد، سکر ۽ ملتان ۽ لاهور مان ٿيندي 24 مئي تي راولپنڊي پهچندي، ان ٽرين ۾ 500 کان وڌيڪ مسافرن جي سفر ڪرڻ جي گنجائش هوندي.
ريلوي ترجمان موجب، پاڪستان ريلويز انتظاميا عيد اسپيشل ٽرين جي وقتائي ۽ اثرائتي آپريشن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
You might also like