صحافين کي طاقت ۽ جبر خلاف بيھڻ گھرجي،ڪارو قانون نٿا مڃون:حسين نقي

اسلام آباد ( خاص عيوضي ) انساني حقن ۽ اظھار راءِ جي آزادي لاءِ سڄي ڄمار جدوجھد ڪندڙ عظيم ڪردار حسين نقي چيو آھي ته اظھار راءِ جي جدوجھد جي تاريخ ھن ملڪ ٺھڻ سان گڏ شروع ٿي آھي ۽ اھا  جاري رھندي لکڻ سوچڻ ۽ ڳالھائڻ تي پھرا ھنيا ويا ۽ جن اھڙن ڪارن قانونن کي نه مڃيو جيلن ۾ ويا ۽ ڪوڙا کاڌا اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڪالهھ اسلام آباد ۾  پي ايف يو جي طرفان وومين جرنلسٽس ڪنوينشن ۾ ڳالھائيندي ڪيو ھن چيو ته صحافين کي طاقت ۽ جبر خلاف بيھڻ گھرجي  اڳ ۾ ھڪ صوبي ۽ ھاڻ ملڪ جي ھر صوبي مان  ماڻھو کنڀجي وڃن ٿا ، ماڻھن کي عدالت ۾ پيش ئي نه ٿو ڪيو وڃي نئين قانون تحت  ھو پاڪستان ۾ ڪنھن به ماڻھو کي پڇا ڳاڇا لاءِ 90 ڏينھن  قيد ۾ رکي سگھن ٿا  ملڪ اندر پيڪا ايڪٽ ذريعي اظھار راءِ جي حق کان محروم ڪيو ويو آھي ،صحافين کي اھڙن فيصلن خلاف اٿي بيھڻ گھرجي ،ھتي عوام جي حق ۾ فيصلا نه ٿا ٿين ، اسلام آباد جو ھي شھر پاڪستان کي برباد ڪرڻ وارو شھر آھي، نامياري صحافي مظھر عباس چيو ته ضياءَ الحق جي آمريت وارن ڏينهن ۾ صحافين جدوجھد جي ھڪ نئين تاريخ لکي ، اڄ جي نئين ٽھي کي ماضي جي جدوجھد کي پڙھي ۽ سمجھي اڳتي وڌڻ گھرجي ، ھن چيو ته احفاظ الرحمان جو ڪتاب سب سي بڙي جنگ ان دور جا اھا سڀ منظر پيش ڪري ٿو جڏھن صحافي مسڪرائيندا گلن جا ھار پائي گرفتاريون ڏيندا ھئا ، مھناز رحمان ڳالھائيندي چيو ته ضياءَ الحق جي آمريت ۽ ان کان اڳ وارين آمريت وارن ڏينھن ۾ صحافي رڳو پروفيشنل نه ھئا ھو نظرياتي ھئا ۽ ھو ملڪ ، محنت ڪشن ، مزدورن ، ھارين جي قسمت بدلائڻ لاءِ جدوجھد ڪندا ھئا ، ڪراچي پريس ڪلب کي عوامي مزاحمت ڪري ئي ھائيڊ پارڪ واري سڃاڻپ ملي ،نامياري صحافي ۽ ليکڪا شھناز چيو ته اظھار راءِ جي آزادي جي ھن جدوجھد ۾ عورت صحافين وڏي جدوجھد ڪئي آھي ان دور ۾  اسين  جڏھن بک ھڙتال تي ويھنداھئاسين ، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙادارن جا اھلڪار ڪيمپن تي ھلان ڪندا ھئا  ماضيءَ جو اھو ھڪ ڪارو دور ھو جنھن جا عڪس اڄ به ذھن جي اسڪرين تي موجود آھن ، اڄ جي جدوجھد کي ماضيءَ سان جوڙي اڳتي وڌڻ گھرجي ، فوزيه شاھد ماضيءَ ۾ جھاتي پائيندي چيو ته ھر دور جا حڪمران اظھار راءِ جي آزادي جي حق ۾ ناھن رھيا ، ھن چيو ته حڪمران عورتن جي آزادي جي خلاف رھيا آھن ،جڏھن به 8 مارچ عورتن جو ڏينھن ايندو آھي ته اسٽيبلشمينٽ جي صفن ۾ ٿرٿلو مچي ويندو آهي ،عاصمه شيرازي چيو ته ماضي جيان اڄ به صحافت بندشن ھيٺ آھي ، ھن چيو ته جڏھن به پيڪا ايڪٽ جي استعمال جي ڳالھ ٿئي ٿي ته آئون ان کان انڪاري ھجان ٿي ڇاڪاڻ ته پيڪا ايڪٽ کي صحافين خلاف اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ لاءِ ھٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو وومين ڪنوينشن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاھ سميت ملڪ جي ناميارين عورت صحافين شرڪت ڪئي ۽ مختلف اشوز تي 6 فڪري ويھڪون ٿيون اسلام آباد ۾ پي ايف يو جي جي ٻن ڏينھن کان فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس ھلندڙ آھي ،خميس ڏينھن وومين جرنلسٽس ڪنوينشن ٿيو جنھن ۾ پاڪستان جي ھر صوبي مان عورت صحافين جي وفدن شرڪت ڪئي،ايف اي سي ۽ وومين جرنلسٽس ڪنوينشن کي پي ايف يو جي صدر افضل بٽ ، سيڪريٽري جنرل ارشد انصاري خطاب ڪيوصحافتي ڪنوينشن ۽  ايف اي سي جي اجلاس ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد وسيم خان ، سيڪريٽري جنرل ڄام فريد لاکو پي ايف يو جي مرڪزي نائب صدر خالد کوکر ، ايف اي سي جي ميمبر اقبال ملاح ، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر جاويد جتوئي ،سيڪريٽري جنرل ڪامران شيخ . پي ايف يو جي فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ ، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر طاھر حسن خان  سيڪريٽري جنرل سردار لياقت ڪشميري ، ايف اي سي ميمبر امتياز فاران ، خورشيد عباسي سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان صحافين جي وفدن شرڪت ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.