حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، الاھي بخش چاچڙ امجد شوري سڀاڻي ٺٽي ۾ ڪوھستان ۽ ٺٽي جي زمينن تي والار پاڻي جي کوٽ ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف اعلانيل احتجاجي مارچ جي سلسلي ۾ عوامي رابطا مھم دوران غلام الله، گھوڙاٻاري مڪلي سيمينٽ فيڪٽري جھرڪ سونڊا ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري عوام کي احتجاجي مارچ ۾ شموليت جي دعوت ڏني، ان موقعي تي رياض علي چانڊيو چيو ته سرڪاري سرپرستي ۾ سنڌ جون زمينون کسيون پيون وڃن ڪوھستان ۽ ٺٽي جي قديم ڳوٺن کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي، ڌرتي ڌڻين اک نه پٽي ته وطن تي حاڪميت جو حق وڃائي ويھنداسين، نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين چيو ته ٺٽو قبضاگيرن منشيات فروشن پوليس ۽ وڏيرڪي نظام ھيٺ پيسجي رھيو آھي بدامني عروج تي آھي، سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو.