مورو (رپورٽ: جاني مورائي )20 مئي مورو سانحي جي شهيدن زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري جي ورسي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران شهر جي مين روڊ تي جلسو ڪيو ويو جتي سياسي، سماجي، قومي ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي۔ جلسي ۾ عورتن، نوجوانن، بزرگن ۽ معصوم ٻارڙن جي وڏي انگ ۾ موجودگي جذباتي منظر پيش ڪري رهي هئي۔ان موقعي تي سيد زين شاهه سيد منير حيدر شاهه امير آزاد پنهور روشن ٻرڙو ۽ ٻين اڳواڻن شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتحه خواني ڪئي۔ اڳواڻن شهيدن جي والدين ۽ وارثن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري سنڌ جي قومي تحريڪ جا بهادر سپاهي هئا، جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي سنڌ ڌرتي سان محبت جو ثبوت ڏنو جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 20 مئي جو سانحو سنڌ جي تاريخ جو انتهائي المناڪ ۽ دردناڪ واقعو آهي، جنهن جا زخم اڄ به سنڌ واسين جي دلين ۾ تازا آهن۔ هنن چيو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ سندن جدوجهد سنڌ جي نوجوانن لاءِ راهه جو ڏيئو بڻيل رهندي۔ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهيدن پنهنجي قرباني ڏئي حق، سچ ۽ قومي سجاڳي جو پيغام ڏنو، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو۔ سيد زين شاه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي شهيدن جي قربانين سبب قومي تحريڪ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي۔ هنن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي شهيدن جي فڪر ۽ جدوجهد کي پنهنجو مشن بڻائڻ گهرجي جلسي دوران شهيدن جي ياد ۾ زبردست نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ شهيدن جون تصويرون کڻي کين ڀيٽا پيش ڪئي۔ تقريب جي پڄاڻي تي شهيدن جي بلند درجات، سنڌ جي امن خوشحالي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون جلسي م 20 مئي سانحي م گرفتار ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو جلسي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي ايڊووڪيٽ گلزار عالماڻي ياسين سومرو مهر وسطڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي