ميرپورخاص(رپورٽ: غفاررند ) ميرپورخاص جي علائقي جمناداس ڪالوني ۾ قائم هڪ خانگي تعليمي اداري سن پيٽرڪ اسڪول ۾ خاتون استاني کي مبينا طور حراسان ڪرڻ جي ڪوشش وارو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن بعد اسڪول جي انچارج اعظم شاهه تي سنگين الزام لڳايا ويا آهن۔ متاثر خاتون رؤت مسيح ڌيءَ ثناءُ الله، جيڪا رفسر ٽائون جي رهواسي ٻڌائي وڃي ٿي، پنهنجي بيان ۾ الزام هنيو آهي ته کيس ٽي ڏينهن اڳ هڪ عورت عيني معرفت اسڪول ۾ تدريسي نوڪري ملي هئي، جتي ڊيوٽي دوران اسڪول انچارج اعظم شاهه کيس ڪم جي بهاني آفيس ۾ گهرايو۔متاثر عورت موجب جيئن ئي هوءَ ڪمري ۾ داخل ٿيو ته جوابدار مبينا طور دروازو بند ڪري ساڻس زبردستي جنسي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ سندس رڙين ۽ مزاحمت بعد جوابدار کيس ڇڏيو، پر ساڳئي وقت سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون۔متاثر استاني پوليس ۽ اعليٰ اختيارين وٽ لکت ۾ شڪايت داخل ڪرائيندي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي جوابدار اعظم شاهه خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي۔هنجو چوڻ ھو ته اھڙي فرياد وومين ٿاڻي تي ڏني پر ڪنھن نوٽس نه ورتو. ٻئي طرف واقعي بابت اسڪول انتظاميا ۽ نامزد جوابدار اعظم شاهه جو موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سندن طرفان اڃا تائين ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو۔