اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنڪي ڪيس ٻيهر بحث هيٺ اچي ويو، اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف پاڻ پيش ٿيو ۽ واضح ڪيو ته انمول پنڪي جي وڪيل عدالت ۾ سندس نالو وٺڻ کان اڳ ۽ پوءِ مختلف بيان ڏنا هئا۔اربع ڏينهن چيئرمين راجا خرم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن ادارن جي ڪارڪردگي، ميڊيا ڪوريج ۽ منشيات جي وڌندڙ نيٽ ورڪ بابت سخت سوال اٿاريا۔راجا پرويز اشرف شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته مون کي جيڪو پهريون ڪلپ مليو، ان ۾ چيو ويو ته “راجا پرويز صاحب، ڪيترن ماڻهن جون ڪالون آيون ته توهان هن معاملي ۾ ڪيئن اچي ويا؟” هڪ ڪلاڪ اندر سندس وڪيل جو ٻيو ڪلپ مليو، جنهن ۾ وڪيل چيو ته انمول ٻڌايو آهي ته مٿس تشدد ڪري زور ڀريو پيو وڃي ته راجا پرويز اشرف جو نالو وٺي۔ هن چيو ته مون کي حيرت آهي ته سنڌ ۾ اسان جي حڪومت آهي، پوءِ اتي اهڙو ڪم ڇو ڪيو ويندو؟هن وڌيڪ چيو ته ولاگرن کي سوشل ميڊيا تي وڪرو ڪرڻ لاءِ مصالحيدار شيون گهرجن، ان جو تدارڪ ڪرڻو پوندو، اهو مڪمل ختم نٿو ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي محدود ڪرڻو پوندو۔چيئرمين ڪاميٽي چيو ان معاملي تي سنڌ پوليس ۽ ايف آءِ اي جا آفيسر جواب ڏين۔ڪراچي پوليس چيف آزاد خان ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انمول پنڪي گذريل 18 سالن کان لاهور ۽ ڪراچي ۾ منشيات جي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل هئي، جڏهن ته سندس موبائل فون مان پرڏيهي ڊيلرن سميت اهم ثبوت پڻ مليا آهن۔ هن ٻڌايو ته انمول پنڪي بائيڪيا رائيڊرن ذريعي منشيات فراهم ڪندي رهي، جڏهن ته سندس ٻه ڀائر ۽ ٻيون عورتون پڻ هن نيٽ ورڪ ۾ شامل آهن۔خواجا اظهار الحسن سائبر ڪرائم ادارن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪيترائي ڪيس ميڊيا حل ڪري ڇڏيندي آهي، جڏهن ته پوليس وٽ جديد فرانزڪ سهولتون به موجود ناهن۔آغا رفيع الله سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ميڊيا عدالت ۾ پيش ٿيڻ واري ڪارروائي نه ڏيکاري ها ته هي معاملو سامهون ڪيئن اچي ها، جڏهن ته طارق فضل چوڌري چيو ته ميڊيا هن ڪيس کي غيرمعمولي طور تي هاءِ پروفائل بڻائي ڇڏيو،هوڏانهن سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ چيو ته انمول پنڪي خلاف سنڌ پوليس ۽ وفاقي ادارا ڪم ڪري رهيا هئا۔ انمول کي 12 مئي تي آپريشن دوران گارڊن واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتاري دوران ڪوڪين ۽ هٿيار پڻ هٿ آياهن ٻڌايو ته هيل تائين پنڪي جا 16 بئنڪ اڪائونٽس سامهون آيا آهن، جڏهن ته سندس هڪ اڪائونٽ مان 90 لک رپيا ڪڍيا ويا۔ هن چيو ته معاملو هاڻي مني لانڊرنگ ڏانهن به وڃي رهيو آهي، سينيٽرسیف اللہ ابڙو سوال ڪيو ته پنڪي خام مال ڪٿان خريد ڪندي هئي؟ هوءَ ڪٿي ويهي منشيات تيار ڪندي هئي ۽ ڪهڙن ماڻهن کي فراهم ڪندي هئي؟ هن چيو ته هوءَ 2019ع کان اي اين ايف جي ڪيس ۾ گهربل هئي، پوءِ کيس گرفتار ڇو نه ڪيو ويو؟اي اين ايف جي عملدارن چيو ته اسان وٽ انمول جو ڪيس 2019ع ۾ داخل ٿيو هو، سندس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ هئا، جڏهن ته هن وقت هوءَ سنڌ پوليس جي تحويل ۾ آهي۔