اسلام آباد (بيورو) حڪومت گئس صارفين کي ڏني ويندڙ لڳ ڀڳ 140 ارب رپيا ڪراس سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان آءِ ايم ايف کي به خاطري ڪرائي وئي آهي ته اهو نظام جنوري 2027ع تائين مڪمل طور ختم ڪيو ويندو، فيصلي کان پوءِ گئس ۽ بجلي تي ڏني ويندڙ رعايتون هاڻي استعمال جي بدران واهپيدارن جي آمدني جي بنياد تي ڏنيون وينديون، سرڪاري ذريعن موجب هاڻي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڊيٽا استعمال ڪري گهٽ آمدني وارن گهرن کي سڌي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عملدارن موجب موجوده نظام ۾ محفوظ ۽ غير محفوظ صارفين کي گهٽ ريٽ تي گئس ڏني پئي وڃي، جنهن جو بار صنعتن، ڪمرشل صارفين، سي اين جي اسٽيشنز، سيمينٽ شعبي ۽ وڌيڪ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کڻن ٿا، نئين نظام تحت سڀني صارفين کان هڪجهڙا اوسط ريٽ وصول ڪيا ويندا، جڏهن ته صرف گهٽ آمدني وارن گهرن کي سڌي مالي مدد ڏني ويندي.