ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ بابت نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري چيو آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان نئون ميڪنزم متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن تحت بجلي جي ورڇ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻايو  ويندو، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ 14 هزار فيڊرن مان 11 هزار 500 فيڊرن تي هن وقت زيرو لوڊشيڊنگ آهي، هن وڌيڪ چيو ته نيٽ ميٽرنگ پاليسي ۾ تبديلي باوجود درخواستن جو ساڳي رفتار سان اچڻ جاري آهي ۽ نيٽ ميٽرنگ ۾ ڪو به غريب متاثر ناهي ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن سان ظلم ٿيو آهي، وفاقي وزير موجب نئين پاليسي تحت هاڻي لوڊشيڊنگ فيڊر جي بدران ٽرانسفارمر ليول تي ڪئي ويندي، جتي لائن لاسز هوندا اتي ئي بجلي بند ڪئي ويندي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته لائن لاسز گهٽ ڪرڻ سان اربين رپين جو نقصان گهٽايو ويو آهي ۽ بجلي جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ سڌارا جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.