ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب زمان جي سخت هدايتن تي سنڌ فوڊ کاتي ۾ ڪرپشن، سرڪاري ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ ھير ڦير، خراب نگراني ۽ قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ وارن سنگين معاملن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، خبر موجب ضلعي قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي فوڊ ريجن جي فوڊ انسپيڪٽر امان الله مگسي کي قبو سعيد خان ۾ 2022-23 دوران 65 هزار 393 ٻورين جي خردبرد ۽ کوٽ جي الزام ۾ نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي۔ کاتيوار رڪارڊ موجب هن ڪيس ۾ سرڪاري نقصان 867.111 ملين رپيا جڏهن ته مارڪ اپ 327.985 ملين رپيا ظاهر ڪيو ويو، جنهن بعد مجموعي واجب الادا رقم هڪ ارب 19 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بڻجي ٿي۔ لاڳاپيل اختيارين کي سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967 تحت رقم وصول ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔جيڪب آباد، لاڙڪاڻي فوڊ ريجن جي فوڊ سپروائيزر ۽ انچارج پي آر سي ٺل زيب علي مگسي کي سرڪاري ڪڻڪ جي 37 هزار 207 پي پي بيگز ۾ کوٽ، جڏهن ته 17 هزار 533 پي پي بيگز ۾ مٽي، دز ۽ خراب داڻن جي ملاوٽ ثابت ٿيڻ تي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو۔ فوڊ کاتي موجب هن ڪيس ۾ مجموعي مالي نقصان 596.200 ملين رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ لاڙڪاڻي کي رقم جي وصولي سان گڏ اڳوڻي آفيسر خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون ويون آهن۔ اهڙيءَ طرح ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي فوڊ ريجن جي فوڊ انسپيڪٽر ظهير احمد بروهي کي پي آر سي ڪنڌڪوٽ ۾ فصل 2022-23 ۽ 2023-24 دوران هڪ لک 88 هزار 406 پي پي بيگز، يعني 10 هزار 300.447 ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ ۽ خردبرد جي سنگين الزامن تي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو۔ رڪارڊ موجب هن ڪيس ۾ مجموعي واجب الادا رقم 2.099 ارب رپين کان وڌيڪ ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ ارب 593 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اصل رقم ۽ 505.552 ملين رپين کان وڌيڪ مارڪ اپ شامل آهي۔ لاڳاپيل اختيارين کي سرڪاري نقصان جي وصولي ۽ ذميوار عنصرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن۔ سنڌ فوڊ کاتي ضلعي نوشهروفيروز ۾ پڻ ڪارروائيون تيز ڪندي ڪيترن آفيسرن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن۔ پي آر سي درٻيلو جي انچارج مرتضيٰ اُنڙ کي فصل 2022-23 دوران 39 هزار 550 پي پي بيگز، يعني 2 هزار 264.838 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ تي فائنل شوڪاز نوٽيس موري جي انچارج فوڊ انسپيڪٽر امداد علي مگسي کي 6 هزار 194 پي پي بيگز، يعني 309.700 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ تي فائنل شوڪاز نوٽيس نبي بخش لغاري، فوڊ سپروائيزر ۽ انچارج لاکا روڊ ۽ ڪوٽڙي ڪبير، ضلعي نوشهروفيروز، کي پڻ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته لاکا روڊ تي فصل 2023-24 جا 5 هزار 376 پي پي بيگز جڏهن ته ڪوٽڙي ڪبير تي 5 هزار 154 پي پي بيگز جي کوٽ رپورٽ ٿي، جنهن کي قومي خزاني کي وڏو نقصان ۽ سنگين غفلت قرار ڏنو ويو آهي۔ وڌيڪ بابر علي راڄپر، فوڊ انسپيڪٽر ۽ انچارج پڊعيدن، الله ڏنو ميمڻ، فوڊ انسپيڪٽر ۽ انچارج نورپور، ۽ نبي بخش لغاري، فوڊ سپروائيزر ۽ انچارج محرابپور، ضلعي نوشهروفيروز، کي پڻ فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔ خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب زمان چيو آهي ته فوڊ کاتي ۾ ڪرپشن، سرڪاري ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ ھير ڦير ۽ عوامي وسيلن جي غلط استعمال لاءِ ڪا به گنجائش ناهي۔