تهران(م ڊ) هڪ ايراني فوجي ترجمان چيو آهي ته ايران هاڻي آمريڪي هٿيارن کي آبنائي هرمز ذريعي علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تائين پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندو. ايراني فوجي برگيڊيئر جنرل محمد اکرميان چيو ته ڪنهن به ملڪ جا جهاز جيڪي آبنائي هرمز مان گذرڻ چاهين ٿا انهن کي محفوظ گذرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايراني هٿياربند فوج جي نگراني ۾ گذرڻ گهرجي. هن چيو ته آبنائي هرمز هاڻي ايراني فوج جي اسٽريٽجڪ ڪنٽرول هيٺ آهي، جنهن جو اولهه حصو پاسداران انقلاب نيوي ۽ اوڀر حصو ايراني نيوي جي نگراني ۾ آهي. پاسداران انقلاب نيوي جي هڪ سينئر عهديدار آمريڪا کي سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪو به تيل ٽينڪر ايران جي اجازت کان سواءِ آبنائي هرمز مان نه ٿو گذري سگهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته اهو پاڻي وارو رستو آمريڪي فوجن لاءِ قبرستان بڻجي سگهي ٿو.