ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي بارکان ضلعي ۾ فتنہ الھندوستان دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 5 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته 7 دهشتگرد پڻ مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان آرمي ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي فوجين بارکان ضلعي جي نوشم علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، هندستان جي حمايت يافته فتنہ الھندوستان جا 7 دهشتگرد سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، ڪليئرنس آپريشن دوران هڪ سخت جهڙپ ۾ ملڪ جا 5 بهادر پٽ شهيد ٿيا، جن ۾ پاڪ فوج جو هڪ فيلڊ آفيسر به شامل آهي. شهيدن ۾ ميجر توصيف احمد ڀٽي به شامل آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو..