28هين ترميم:زرداري ۽ نوازشريف پاران مزاحمت جي جواب ۾نيب سرگرم؟

اسلام آباد(سعيد بلوچ )28هين ترميم جو هُل، نيب اوچتو ٻيهر سرگرم وئي؟نيب جا ڪيترائي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندا رهيا، پوءِ نيب ترميمون آيون ۽ اهي سڀ فائلون، جن ۾ ڪرپشن ۽ وڏا اسڪينڊل شامل هئا، ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايون ويون۔ هاڻي وري نيب سرگرم ٿيندي نظر اچي رهي آهي۔ سوال اهو آهي ته ڇا نيب  جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ جو تعلق28هين ترميم سان آهي، جنهن جي ڊيڊ لائين شايد بجيٽ کان اڳ جون مهيني تائين ٻڌائي پئي وڃي؟ ڇا نيب جا مقصد انهيءَ ترميم سان ڳنڍيل آهن؟سينيئر صحافي سهيل رشيد لکيو آهي ته نيب ٻيهر سرگرم ٿي رهي آهي، ۽ سڀ کان پهريون ٽارگيٽ پيپلز پارٽي کي بڻايو پيو وڃي۔سڀ کان پهرين گذريل سال آگسٽ ۾ اها خبر سامهون آئي هئي ته صدر آصف علي زرداري تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي۔ اها خبر اعزاز سيد صاحب ڏني هئي،صحافي نجَم سيٺي به اها ڳالهه ڪئي هئي ته جڏهن فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا جي دوري تي وياو۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، ته اتي اها ڳالهه محسوس ڪئي وئي ته ڪنهن آئيني عهدي جي ضرورت آهي، جيئن دنيا جي سربراهن سان برابر سطح تي ملاقات ڪري سگهجي۔ان کانپوءِ  اينڪر محمد مالڪ به آگسٽ 2025ع ۾ خبر ڏني ته ٻه هزار ارب رپين جي ڪرپشن فائلن جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ امڪاني  ٽارگيٽ آصف زرداري آهي،جڏهن ته 2022ع ۾ نيب ترميمون آيون، جن خلاف عمران خان سپريم ڪورٽ ويو۔ ان وقت اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال انهن ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو، پر پوءِ قاضي فائز عيسيٰ اچي انهن کي بحال ڪري ڇڏيو، اهو چئي ته پارليامينٽ کي قانون ٺاهڻ جو حق حاصل آهي۔هاڻي نيب پاڻ به انهن ترميمن تي اعتراض ڪري رهي آهي۔شروعات ۾ رڳو آصف زرداري صاحب ڳالهيون هيون، پر هاڻي مسلم ليگ (ن) به ان وڪڙ ۾ ايندي نظر اچي رهي آهي۔ پنجاب ۾ به ڪجهه فائل ٻيهر کولڻ جون خبرون آهن۔ جڏهن ته نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٿيون، جيڪي بند ڪمرن تائين محدود نه رهيون، ۽ هاڻي اهي ڳالهيون اڳتي پهچي ويون آهن۔شهر اقتدار ۾ اها ڳالهه گردش ڪري رهي آهي ته ڪجهه اهم منصوبابندي ٿي هئي، جيڪا هاڻي مٿين سطحن تائين پهچي وئي آهي۔حڪومت نيب قانون ۾ اهڙيون ترميمون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن تحت نيب صرف 80 ڪروڙ رپين کان مٿي واري ڪرپشن جا ڪيس ڏسي سگهي ها۔ پاڪستان شايد دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي مهانگائي جي بنياد تي ڪرپشن جي حد مقرر ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۾ به نيب ڪجهه فائل کولي رهي آهي۔ مريم نواز حڪومت بابت به الزام آهن ته اشتهارن جا پئسا من پسند ماڻهن ۽ ڪمپنين کي ڏنا پيا وڃن۔پنجاب حڪومت اهڙو قانون منظور ڪيو آهي، جنهن تحت سرڪاري اشتهارن بابت معلومات حاصل ڪرڻ به مشڪل بڻائي وئي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو درخواست ڏئي ته فيصلو سيڪريٽري اطلاعات ڪندو ته معلومات ڏيڻي آهي يا نه، جڏهن ته ان خلاف عدالت ۾ اپيل به نه ٿي ڪري سگهجي۔هاڻي حالتون اهڙي طرف وڃي رهيون آهن، جتي نه رڳو پيپلز پارٽي پر مسلم ليگ (ن) به نيب جي جاچ جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿي، ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل سميت ڪيترن ئي معاملن تي ٻيهر ڪم ٿي رهيو آهي

اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت جي تنقيد

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته27هين ترميم کانپوءِ 28 هين ترميم جو وارو آهي پر في الحال  باضابطا طور ڪنهن آئيني ترميم تي ڪم نه ٿي رهيو آهي،هن چيو ته 26۽ 27 هين ترميم ۾ ڪجهه شيون رهجي ويون هيون ان تي ڳالهيون به هليون پر اهو سلسلو پوءِ ٽٽي ويو، هن چيو ته هڪ جهڙو قومي نصاب ۽ صحت تي شيون رهيل آهن، مڪاني ادارا مضبوط ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون هيون، انهن معاملن تي آئيني ترميم اچي ٿي ته تمام سٺي ڳالهه هوندي، مون کي اها ڳالهه ڪندي ڪو به عار محسوس نٿو ٿئي ته جن جن صوبن ۾ سياسي جماعتن جي حڪومت آهي اهي اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار

ناهن،ڇو ته جيڪڏهن بلدياتي ادارا مضبوط ٿي ويا ته صوبائي حڪومتن جا اختيار گهٽ ٿي ويندا، پ پ جي آغا رفيع الله چيو ته عقيل ملڪ سچ تسليم ڪيو آهي،اسان ته ڪراچي ۾ اختيار ورهائي رهيا آهيون،اسان اتي وڃڻ لاءِ تيار آهيون جتي تحريڪ انصاف وارا پهرين کان موجود آهن،مسلم ليگ ن وارا به اتي ويندا،جتي اسان کي وڃڻو آهي،پر اڃا انهن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ڇو ته اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا

 

پنڪي هڪ هفتو اڳ فائيو اسٽار ۾ ترسائي وئي،ميڊيا کي ڊگها پروگرام ڪرڻ جون”هدايتون“

واشنگٽن/اسلام آباد(شهباز گل)اوچتو پاڪستان جي سمورن ٽي وي چينلن تي “پنڪي” نالي عورت جي خبرن جو طوفان اچي ويو۔ چيو پيو وڃي ته اها ڪوڪين ۽ منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهي۔ هن ڪهاڻي جا ڪيترائي پهلو سامهون اچي رهيا آهن۔ گذريل ڏينهن ملڪ جي وڏن ٽي وي چينلن تي ڊگهيون ٽرانسميشنون هليون ۽ هر طرف رڳو پنڪي جو ذڪر رهيو۔خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا، ڪيترائي پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، ڪجهه ٿاڻا خالي ٿيڻ جون به خبرون آيون، پر انهن معاملن جي مناسب ڪوريج نه ٿي۔ رڳو پنڪي واري ڪهاڻي کي نمايان ڪيو ويو، ڄڻ ڪا بالي ووڊ فلم هجي۔ جڏهن به آئيني ترميمن جو موسم ايندو آهي ته اهڙيون ڪهاڻيون سامهون آنديون وينديون آهن۔ اڳ ايان علي هئي، هاڻي پنڪي آهي۔ ذريعن موجب  جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪجهه معاملن تي راضي نه ٿي ته پوءِ اهڙن طريقن سان دٻاءُ وڌو ويندو۔پنڪي نالي عورت لاهور ۽ ڪراچي ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ امير طبقي جي پارٽين ۾ منشيات پهچائيندي رهي آهي۔ اهو به الزام لڳايو ويو ته کيس انٽيليجنس بيورو لاهور مان گرفتار ڪيو، جتان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ آئي،اهي به خبرون آهن ته ڪجهه سرڪاري يا رياستي اهلڪارن منشيات پنهنجي قبضي ۾ وٺي وڪرو ڪئي ۽ وڌيڪ منشيات تيار ڪرائي وئي۔ اهي سڀ ڳالهيون الزام طور بيان ڪيون ويون آهن۔،اهي به اطلاع آهن  ته کيس فائيو اسٽار هوٽل ۾ رکيو ويو، جتي ڪيترائي ڪمرا سندس رهائش ۽ سيڪيورٽي لاءِ استعمال ٿيا۔ پوءِ جڏهن کيس ظاهر ڪرڻ جو وقت آيو ته هڪ گهر تان گرفتاري ڏيکاري وئي۔ وڊيو ۾ نظر اچي ٿو ته پوليس گهنٽي وڄائي ٿي ۽ پنڪي پاڻ دروازو کوليندي کين اندر سڏي ٿي، جنهن مان لڳي ٿو ته گرفتاري اڳ ئي ٿي چڪي هئي ۽ بعد ۾ منظرنامو تيار ڪيو ويو،باخبرذريعن موجب پاڪستان جي ميڊيا کي هدايتون ڏنيون ويون ته رڳو انهيءَ ڪهاڻي کي نمايان ڪيو وڃي ۽ ٻين معاملن کي نظرانداز ڪيو وڃي۔اها سڄي مهم پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وجهڻ ۽ 28هين آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ هلائي پئي وڃي۔ مستقبل ۾ ڪنهن به سياسي شخصيت تي الزام لڳائي سگهجن ٿا۔28هين آئيني ترميم 21 تاريخ تائين اها ترميم پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،ان ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديليون، فوج کي وڌيڪ اختيار، ۽ گورنر راڄ لڳائڻ بابت نيون شقون شامل ٿي سگهن ٿيون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.