چنئي(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي ڀارتي اداڪار جوزف وجي تامل ناڊو جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي۔ مشهور ڀارتي اداڪار ۽ سياسي جماعت(ٽي وي ڪي) جي سربراهه جوزف وجي عهدي سنڀالڻ سان ئي ٽن وڏن فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اقليتن ۽ مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مذهبي نفرت واري سياست تي سخت تنقيد ڪئي۔تقريب ۾ سندس والدين، ساٿي اداڪارن ۽ راهول گانڌي سميت ڪيترين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي۔حلف کڻڻ بعد جوزف وجي ٽن اهم فيصلن تي صحيحون ڪيون۔ هن سڀني گهريلو واهپيدارن لاءِ 200 يونٽن تائين مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو۔ عورتن جي تحفظ لاءِ نئين “ريپڊ رسپانس فورس” قائم ڪرڻ ۽ سڄي رياست ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو، جنهن تحت اسڪولن ۽ ڪاليجن ڀرسان “تحفظ وارا علائقا” قائم ڪيا ويندا۔هن چيو ته سندس حڪومت تعليم، صحت ۽ پاڻي جهڙن بنيادي مسئلن تي مڪمل ڌيان ڏيندي، جڏهن ته هارين ۽ مهاڻن جي ڀرپور سار سنڀال ڪئي ويندي۔پنهنجي پهرين خطاب ۾ جوزف وجي واضح ڪيو ته سندس حڪومت حقيقي سيڪيولرزم ۽ سماجي انصاف جي اصولن تي عمل ڪندي۔ هن چيو ته هو هميشه هندن، مسلمانن ۽ عيسائين سان گڏ بيهندو ۽ سندس نظريو آهي ته “هر مذهب اسان جو آهي”۔هن زور ڏنو ته وڏي وزير طور ڪنهن به قسم جي مذهبي فرقيواريت قبول نه ڪئي ويندي جوزف وجي چيو ته “اڄ هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو پٽ وڏي وزير بڻيو آهي، مون غربت ۽ بک ڏٺي آهي، مان ڪنهن شاهي خاندان مان نه آيو آهيان، پر عوام مون کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني”۔هن عوام کي خاطري ڪرائي ته ڪوڙا واعدا نه ڪيا ويندا ۽ رياستي وسيلن جي ڦرلٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي۔ سندس چوڻ هو ته کين لڳ ڀڳ 10 لک ڪروڙ رپين جي قرض هيٺ دٻيل حڪومت ورثي ۾ ملي آهي، پر عوام جي پئسي جو هڪ رپيو به ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو۔