اسلام آباد(گوهر بٽ)پشاور ۾ هڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو، جتي هڪ غريب ۽ لاچار عورت کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي الزام هو ته هن ماني چوري ڪئي آهي. عورت گل بانو ٻڌايو ته سندس مڙس جي وفات ٿي چڪي آهي، گهر ۾ ڪو ڪمائڻ وارو ناهي، ٽي ٻار ٻن ڏينهن کان بکايل هئا، مجبوري ۾ هن تندور مان ماني کنئي.حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته پوليس اهلڪار هن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. پر جڏهن معاملو جج آڏو آيو ته جج صاحب تفصيل ٻڌي انتهائي انساني فيصلو ڏنو.معزز جن تندور مالڪ کي ٻه سال قيد ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني، پوليس اهلڪارن جي بدلي جو حڪم ڏنو، ۽ ڊي سي پشاور کي حڪم ڏنو ته متاثر عورت ۽ ان جي ٻارن جي خرچ حڪومت ڀري.سچ ڳالهه اها آهي ته اهڙا فيصلا سوسائٽي لاءِ اميد جو ڏيئو آهن. اهڙن واقعن تي افسوس ٿئي ٿو ته اڃا به معاشري ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جن وٽ رحم ناهي.هتي مان هڪ پراڻو واقعو ياد اچي ويو، ناليواري وڪيل عاصمه جهانگير هڪ جيل جو دورو ڪيو،ان دوران هڪ ننڍڙو ٻار چوري جي الزام ۾ گرفتار هو. هن چيو ته هن صرف هڪ شربت جي بوتل کنئي هئي، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو.عاصمه جهانگير فوري طور مداخلت ڪئي ۽ عدالت سان رابطو ڪري ٻار جي ضمانت ڪرائي، ۽ کيس آزاد ڪرايو ويو.اهو ڏيکاري ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن انصاف لاءِ مضبوط آواز جي ضرورت هوندي آهي.