ڪراچي/حيدرآباد (پ ر)ڪراچي بار اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش، ڇڪتاڻ ۽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي عمل بابت ساڃاهه وندن چيو آهي ته ڪراچي بار اليڪشن ۾ سڀ ڪجهه سگهاري ڌرين جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ پرهه سومرو ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي ۽ ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته بار جي چونڊن ۾ دير ڪرڻ وڪيلن جي سگهاري آواز کي روڪڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي، هي سمورو عمل موجوده پي پي پي حڪومت ۽ سگھاري ڌرين جي اشاري تي ڪيو پيو وڃي ته جيئن وڪيلن جي ادارن کي ڪمزور ڪري سگهجي،سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ جمهوري عمل کي نقصان پهچائڻ واري ڪوششن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، هن چيو ته وڪيل هميشه ملڪ ۾ جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي لاءِ وڙهندا رهيا آهن، پر افسوس جو هن ڀيري خود بار ايسوسيئيشن جي چونڊ عمل کي ئي نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو آهي، وڪيلن جي چونڊن ۾ ٻاهريان سياسي پنڊت مداخلت ڪري رهيا آهن. اهڙي مداخلت سبب چونڊن جو پورو سسٽم تباھ ٿي رهيو آهي، جيڪو هڪ خطرناڪ عمل آهي، وڪيل ملڪ اندر جمهوريت جي علامت بڻجي اڀريا آهن، تنهنڪري کين پنهنجي صفن ۾ موجود ڪارين رڍن ۽ ٻاهرين سازشن کي سڃاڻڻو پوندو، جي يو آءِ سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته ڪراچي جي وڪيلن اڄ همت جو مظاهرو ڪيو ۽ فارم 47 جا نمائندا مقرر ڪرڻ نه ڏنا، اسان اڳ ئي فارم 47 خلاف 2018 کان بيٺا آهيون، صرف فارم 45 جي حڪومت هلندي چاهي اها بار جي اندر هجي يا اها اسيمبلي جي اندر هجي.