بلاول هائوس جو پروٽوڪول ٽوڙيندڙ موٽرسائيڪل سوار غريبن سان گڏ آهيان:جونيئر ذوالفقار

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر گذريل رات بلاول چورنگي تي پيش آيل پروٽوڪول واقعي جي مذمت ڪندي موٽر سائيڪل سوارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي۔پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته هو انهن سڀني ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جيڪي گذريل رات  بلاول هائوس جي پروٽوڪول ٽوڙڻ واري واقعي ۾ شامل هئا۔هن چيو ته موٽر سائيڪل هلائيندڙ محنتي مردن ۽ عورتن کي چٿڻ جي ڪوشش ڪرڻ سيڪيورٽي عملي لاءِ شرم جو مقام آهي۔ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر وڌيڪ لکيو ته ڪنهن به سياستدان کي اهو حق نه هجڻ گهرجي ته هو روڊن تي ماڻهن کي رونديندي گذري۔ امبر دانش لکيو مهرباني ذوالفقار علي ڀٽو جونيئرتوهان جي والد جو به قتل ٿيو هو، پر ان باوجود توهان وي آءِ پي پروٽوڪول، غير ضروري سيڪيورٽي يا روڊن کي ڪلاڪن تائين بند ڪرڻ جو استعمال نٿا ڪريو، انهيءَ ڪري ڪراچي توهان سان محبت ڪري ٿو۔توهان  کي وڌيڪ طاقت ملي،امتياز گل لکيو ته پروٽوڪول جي ڪري ٿيندڙ روڊ بندش هن دور ۾ هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي۔هن لکيو ته هزارين گاڏين ۽ ماڻهن کي ان ڪري متاثر ڪيو وڃي ٿو جو ڪجهه “نمائندا” آرام سان سفر ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته آئين موجب سڀ برابر آهن، پر عملي طور ڪجهه وڌيڪ برابر بڻيل نظر اچن ٿا۔ امتياز گل سوال اٿاريو ته ڇو روڊن کي بند ڪري عوام کي تڪليف ڏني وڃي ٿي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف جهڙا اڳواڻ اهڙو “ويزن 2030” پيش ڪن، جنهن سان اهڙي غير ضروري پروٽوڪول واري نظام جو خاتمو ٿي سگهي۔شاهد قاضي لکيو ته شاباس! ڪراچي ،ڪراچي وارن گذريل رات وي آءِ پي پروٽوڪول جي آڙ ۾ روڊن جي بندش خلاف بغاوت جو اعلان ڪندي ٻه تلوار وٽ به بندش ٽوڙي ڇڏي۔ هڪ دوست هي وڊيو موڪلي آهي ته شيئر ڪيو وڃي، ان کي ڦهلايو ۽ انهن نام نهاد حڪمرانن کي ٻڌايو ته عوام جي طاقت ڇا آهي؟بس تمام ٿي ويو!جنيد رضا زيدي لکيو ته پيپلز پارٽي کي “ضد” ڇڏڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ڪراچي سان مسلسل ٽڪراءُ پيدا ٿيندو۔جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته ايندڙ 30 ڏينهن ۾ سياسي صورتحال انتهائي خراب ٿي سگهي ٿي، ۽ پيپلز پارٽي لاءِ عوامي نفرت وڌي سگهي ٿي۔زاهد منصوري لکيو ته ڪراچي ۽ آسپاس ۾ پ پ جي زوال جو وقت شروع ٿي ويو آهي،مارڪو پولو نالي پيج تي فواد فياض لکيو ته جيڪو بلاول جي سڪيورٽي حصار ٽوڙي ٿو حڪومت جو ڪم سڌو گولي هڻڻ آهي،انهن مذاق سمجهيو آهي،گندي نالي جي ڪيڙن ماڪوڙن کان بلاول جي زندگي سڀ کان اهم آهي،ڪو پنجاب ۾ مريم ۽ شهبازشريف جو سيڪيورٽي پروٽوڪول ٽوڙي ڏيکاري،ڊاڪٽر شمع جوڻيجو لکيو ته ڪراچي وارا مڇريل آهن،سنڌ حڪومت تي انهن جو موڊ ٺيڪ نٿو لڳي، هن چيو ته شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار ئي مارائيندا آهن،اينڪر وجيهه ثاني لکيو ته پ پ کي گهرجي ته پنهنجي سوشل ميڊيا تان نوٽيس وٺي۔انهن کي سيکاريو وڃي ته ڪراچي ۾ تعصب، نفرت ۽ لساني باهه ڀڙڪائڻ کان پاسو ڪن۔ اينڪر ناديه مرزا لکيو ته ڪراچي جي عوام جو صبر جواب ڏئي ويو آهي،بلاول لاءِ لڳايل روٽ ٽوڙيو ويو،پروٽوڪول جي گاڏين کي مجبور ٿي واپس موڙڻو پيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.