ڪنهن به محاذ تي جدوجهد ۾ ان جي نظريي جو مضبوط هجڻ ۽ قيادت جو ثابت قدم رهڻ عام طور ان جي ڪاميابي جي ضمانت سمجهيو ويندو آهي، پر ان جو ڪو مقرر وقت ناهي هوندو۔ ضروري ناهي ته جيڪا قيادت جدوجهد جو آغاز ڪري، ڪاميابي به ان کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ملي وڃي۔ قيادت ته بدلجندي رهندي آهي ڪڏهن مضبوط، ڪڏهن ڪمزور پر تنظيم ان وقت ڪمزور ٿي وڃي ٿي جڏهن قيادت مصلحت جو شڪار ٿئي يا اتحاد انتشار ۾ تبديل ٿي وڃي۔
پاڪستان شايد دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جتي صحافين ۽ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن اهڙي جدوجهد ڪئي آهي جيڪا پاڻ دنيا لاءِ مثال بڻجي وئي آهي۔ هن رستي ۾ قيد ۽ بند به سٺا ويا، ڪوڙا به کاڌا ويا، جانيون به قربان ڪيون ويون، رياستي ۽ حڪومتي جبر به برداشت ڪيو ويو ۽ ڪارن قانونن کي منهن ڏنو ويو ۽ اڄ به ڏنو پيو وڃي۔ حيرت تڏهن ٿي جڏهن 3 مئي، صحافت جي عالمي ڏينهن تي حڪمرانن جا بيان ڏٺا ويا، جيڪي آزادي صحافت جي ڳالهه ڪري رهيا هئا، جڏهن ته حقيقت ۾ صحافي ۽ صحافت ئي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن۔ جنهن سماج ۾ خبر ڏيڻ تي صحافي کي ڏوهاري بڻائي هٿڪڙيون پارايون وڃن، اُتي حڪمران ڪيئن تحفظ جو يقين ڏياري سگهن ٿا؟ جڏهن ڏکڻ ايشيا سميت سڄي دنيا ۾ صحافتي جدوجهد جي تاريخ ڏٺي وڃي ٿي ته اهڙا مثال تمام گهٽ ملن ٿا جهڙا پاڪستان ۾ 2 آگسٽ 1950ع تي قائم ٿيل پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) پيش ڪيا۔ هن تنظيم پنهنجي قيام کان اڄ تائين جدوجهد جي هڪ ڊگهي تاريخ رقم ڪئي آهي۔ هن جدوجهد جو بنيادي نظريو ڇا هو ۽ قيادت ڪيئن مثال بڻجي ان تي ڪتاب، ڊاڪيومينٽريز ۽ زنده مثال موجود آهن، انهن صحافين جي صورت ۾ جن قيد ۽ بند سٺا، پر اصولن تان نه هٽيا۔
انهن 75 سالن ۾ قيادت بدلجندي رهي ڪڏهن مضبوط، ڪڏهن ڪمزور ۽ رياست به هر حربو استعمال ڪيو: ڪڏهن سختي، ڪڏهن لالچ۔ ان سان گڏوگڏ ورهاست به ٿي، پر جيڪي صحافي يا اڳواڻ سرڪار جي ويجهو ويا، اهي تاريخ ۾ تحريڪ ٽوڙيندڙ طور ياد ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته جيڪي پنهنجي نظريي تي قائم رهيا، اهي آزادي صحافت جا هيرو بڻجي ويا۔ انهن ۾ ايم اي شڪور، اسرار احمد، ڪي جي مصطفىٰ، منهاج برنا، نثار عثماني، احفاظ الرحمن ۽ آءِ ايڇ راشد جهڙا نالا شامل آهن۔ انهن سڀني ۾ ٻه ڳالهيون گڏيل هيون:
(1) پنهنجي نظريي تي قائم رهڻ (2) صحافي طور پنهنجي ذميوارين کان غافل نه ٿيڻ هي نظريو ٽن بنيادي اصولن تي ٻڌل هو: (1) ملڪ ۾ آزادي صحافت ۽ ماڻهن کي معلومات تائين رسائي (2) ميڊيا مزدورن جي معاشي حقن جو تحفظ (3) صحافين جي بهتر پيشه ور تربيت. انهن اصولن لاءِ ضابطه اخلاق به ٺاهيو ويو، جيڪو تنظيم جي آئين جو حصو بڻيو ۽ صحافين کي هڪ واضح رستو ڏنو۔
هن تحريڪ هر اُن حڪمران چاهي سول هجي يا فوجي کي چئلينج ڪيو جنهن ميڊيا جي آزادي کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ اڄ جي نئين نسل (Gen-Z) کي هن تاريخ کان آگاهه ڪرڻ انتهائي ضروري آهي۔ اهو به واضح آهي ته صحافت ذميواري کانسواءِ ممڪن ناهي، پر ذميواري جو تعين حڪومت يا ان جا ماتحت ادارا نٿا ڪري سگهن۔ اهو فيصلو صرف هڪ پيشه ور ايڊيٽر ڪري سگهي ٿو، ڇو ته حڪومتون پاڻ به ڪيترن ڀيرا غير ذميواري جو مظاهرو ڪنديون آهن۔ پاڪستان جي تاريخ ۾ حڪمران هميشه انهن صحافين کان ڊڄندا رهيا آهن، جن سندن نااهلي ۽ ڪرپشن کي بي نقاب ڪيو۔هن ملڪ ۾ اهڙا قانون ٺاهيا ويا جن نه صرف آزادي صحافت کي محدود ڪيو پر سچ ڳالهائيندڙن کي جيلن ۾ وڌو ويو۔ PFUJ هميشه انهن قانونن خلاف آواز اٿاريو ۽ عملي جدوجهد ڪئي، ڀلي ان لاءِ سوين صحافين کي جيل ڀرڻي پئي۔
اڄ صحافتي جدوجهد خاص طور پيڪا قانون خلاف هلي رهي آهي، جيڪو 2016ع ۾ سائبر ڪرائمز جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو هو۔ گذريل 10 سالن ۾ مختلف حڪومتون آيون، ۽ هر حڪومت واعدو ڪيو ته اقتدار ۾ اچي ان قانون کي ختم يا تبديل ڪندي، پر اقتدار ۾ اچي اهي واعدا وساري ڇڏيا ويا۔ نتيجي طور اهو قانون هڪ ڪارو قانون بڻجي ويو آهي، جنهن نه صرف صحافين پر سماج جي هر تنقيدي آواز کي متاثر ڪيو آهي۔هاڻي سوال اهو آهي ته ماضي وانگر مضبوط مزاحمت ڇو نظر نٿي اچي؟ حقيقت اها آهي ته جدوجهد ۽ مصلحت گڏ نٿا هلن۔ اڄ ضرورت آهي ته ميڊيا سان لاڳاپيل سڀ تنظيمون گڏ ٿي، نه صرف پيڪا پر سڀني ڪارن قانونن خلاف گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن۔ ميڊيا اسٽيڪ هولڊرز جو هڪ پليٽفارم تي اچڻ خوش آئند آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسين قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون؟ اهو فيصلو قيادت کي ڪرڻو پوندو، ڇو ته حقيقي جدوجهد ساڳي کي چوندا آهن۔