لنڊن(ثقلين امام)آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جيڪو نازڪ سيز فائر موجود هو، اهو مڪمل طور تي ختم ٿيڻ جي خطري هيٺ اچي ويو آهي. جيڪڏهن امڪاني جنگ ٻيهر شروع ٿي ته روس ۽ چين جو ڪردار به انتهائي اهم ٿي ويندو. ايران واضح ڪيو آهي ته ايٽمي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٻئي مرحلي ۾ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته آمريڪا جو مطالبو آهي ته اهو مستقل جنگ بندي جي شرط طور شامل هجي.ميزائل حملي اهو ثابت ڪيو آهي ته ايران پنهنجي ڳاڙهي لائينن جي حفاظت لاءِ هر قسم جي قدم کڻي سگهي ٿو. جيڪڏهن جنگ ٻيهر شروع ٿي ته اها اڳوڻي چاليهن ڏينهن واري جنگ کان به وڌيڪ تباه ڪن ٿي سگهي ٿي. جيستائين ٻنهي ڌرين پنهنجن موقفن ۾ نرمي نٿيون آڻين، علائقائي امن جا امڪان انتهائي گهٽ آهن.هرمز واري علائقي ۾ هڪ آمريڪي جنگي جهاز تي ايران طرفان ٻه بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، جنهن کان پوءِ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موجود نازڪ سيز فائر مڪمل طور تي ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي وئي آهي.بين الاقوامي ميڊيا ۽ ايران جي اندر به اهو خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آمريڪا طرفان ايران جي بحري بندش هڪ جنگي عمل آهي. هن جو مطلب اهو آهي ته 7 ۽ 8 اپريل تي شروع ٿيل سيز فائر عملي طور تي بحري بندش سبب معطل ٿي چڪي آهي، پر تازو واقعن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.خبر ايجنسي رائٽرز موجب ايران صبح جي وقت هڪ آمريڪي جنگي جهاز کي ٻه اينٽي شپ ميزائلن سان نشانو بڻايو. ايران طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته ميزائل آمريڪي جهاز جي تمام ويجهو ڪريا، ايترو ويجهو جو پاڻي جون لهرون به جهاز تي پيون.تنهن هوندي به آمريڪا پنهنجي ڪنهن به جهاز تي حملي جي واقعن جي ترديد ڪئي آهي. هن مبينا واقعي کان پوءِ عالمي تيل مارڪيٽ ۾ قيمتون فوري طور تي لڳ ڀڳ ٽي سيڪڙو وڌي ويون.اهو واقعو ان وقت ٿيو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ “پروجيڪٽ فريڊم” نالي هڪ فوجي آپريشن جو اعلان ڪيو هو، جنهن جو مقصد هرمز ۾ ڦاٿل غير جانبدار جهازن ۽ تيل ٽينڪرن کي تحفظ ڏئي ٻاهر ڪڍڻ هو. ايران ان کي سڌي فوجي مداخلت قرار ڏنو آهي ۽ ان جي مخالفت جو اعلان ڪيو آهي.ايران جي فارس نيوز ايجنسي موجب، ايراني بحري فوج جاسڪ ٻيٽ ويجهو آمريڪي جهاز کي خبردار ڪيو ته هو هرمز واري علائقي ۾ داخل نه ٿئي، پر جهاز اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ميزائل فائر ڪيا ويا. رپورٽن موجب جهاز کي نقصان پهتو ۽ اهو پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيو، جيتوڻيڪ جاني نقصان بابت ڪا تصديق نه ٿي آهي.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ هن واقعي جي ترديد ڪئي آهي.ايران جي تسنيم نيوز ايجنسي موجب فوجي ذريعن خبردار ڪيو آهي ته سڀئي بحري جهاز چاليهن ڏينهن جي جنگ مان سبق حاصل ڪن ۽ آمريڪي لاپرواهي جا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهن. اهو به چيو ويو آهي ته هرمز واري علائقي مان گذرڻ لاءِ ايراني اجازت ضروري آهي.ان کان پوءِ ايران نار عمان جي ڪجهه بندرگاهن کي به پنهنجي ڪنٽرول ۾ شامل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.ايراني پارليامينٽ جي 61 ميمبرن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران جا مخالف ملڪ ڳالهين کي صرف وقت حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ايران جي حتمي اختيار رهنما جي هٿ ۾ آهي ۽ ڳاڙهي لائينن کان ٻاهر ڪا به ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي. ماهرن موجب جيڪڏهن جنگ ٻيهر شروع ٿي ته اهو صرف علائقائي نه پر عالمي معيشت لاءِ به وڏو بحران بڻجي سگهي ٿو.آمريڪي فوجي طاقت وڏي هجڻ باوجود ايران وٽ علائقائي سپورٽ ۽ حڪمت عملي جي صلاحيت وڌيڪ آهي، جڏهن ته آمريڪا اندر جنگ خلاف راءِ به وڌي رهي آهي.هن وقت سڄي دنيا جون نظرون هرمز جي صورتحال تي لڳل آهن، جتي ٻنهي ڌرين جون فوجون تيار بيٺل آهن. ٿوري به غلطي هڪ وڏي ۽ تباه ڪن جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جنهن جا اثر صرف خطي تائين محدود نه رهندا، پر سڄي دنيا جي معيشت کي متاثر ڪندا