”پي ٽي آءِ جي چار ايم اين ايز کي نااهل ڪيو ويندو“

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قومي اسيمبلي ميمبر شفقت عباس اعوان ايڊووڪيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ٻن مهينن اندر کيس ۽ پي ٽي آءِ جي 4 کان 5 ٻين ميمبرن کي اسيمبلي مان ڪڍيو ويندو.هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شفقت عباس اعوان ۽ قانون ۽ انصاف واري رياستي وزير بيرسٽر عقيـل ملڪ شرڪت ڪئي.پي ٽي آءِ جي ايم اين اي چيو ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ کيس ۽ سندس پارٽي جي ڪجهه ٻين ميمبرن کي  اسيمبلي مان نيڪالي ڏني ويندي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان کين هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻن مهينن ۾ خاموش ٿي وڃو، نه ته اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍيا ويندا.ان معاملي تي عقيـل ملڪ چيو ته حڪومت جي خواهش آهي ته ڪو به اهڙو اسيمبلي ميمبر جيڪو آئيني آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي دائري ۾ نٿو اچي، ان کي نااهل نه ڪيو وڃي.وفاقي وزير اپوزيشن پارٽين کي به دعوت ڏني ته هو بجيٽ اجلاس ۾ اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.