ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم طرفان ڪوڙ ڳالهائڻ افسوسناڪ ڳالهه آهي۔هن چيو ته سندن اڳواڻ ڀڄي وڃي ٿو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ثابت قدم رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ ئي موجود آهن۔بختاور ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري پليٽ فارم تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هوءَ ٻيهر چوي ٿي ته صدر آصف علي زرداري جو ٻاهرين ملڪ ڪو به بئنڪ کاتو ناهي۔هن وڌيڪ چيو ته سندن سڀئي اثاثا، ملڪيتون، زمينون ۽ بئنڪ کاتا پاڪستان ۾ ئي موجود آهن ۽ هتي ئي سندن سيڙپڪاري ٿيل آهي۔