پ پ 17 سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود سنڌ کي امن ڏيڻ ۾ ناڪام آهي: اسدالله ڀٽو

لاڙڪاڻو (بيورو ) جماعت اسلامي پاڪستان جي اڳوڻي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته پيپلز پارٽي لاڳيتو 17 سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود سنڌ جي عوام کي امن، انصاف ۽ خوشحالي ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب  ڪندي هن وڪيل برادري جي جدوجهد کي ساراهيندي چيو ته آمريت جي دور ۾ جمهوريت ۽ عدليا جي آزادي لاءِ وڪيلن جو ڪردار مثالي رهيو آهي، هاڻي به اهڙي ڪنهن به آئيني ترميم خلاف وڪيلن کي وڙهڻو پوندو جيڪا بنيادي انساني حقن سان ٽڪرائجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.