ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪڻڪ جي وڪري تي حد ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڪڻڪ جي خريداري مهم کي تيز ڪرڻ ۽ هارين کي فوري طور تي ادائيگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي سال 2026 لاءِ ڪڻڪ جي خريداري واري جاري مهم جو جائزو ورتو ۽ اسڪيم تحت رجسٽرڊ ننڍن آبادگارن کي في ايڪڙ پنج ٻوريون فراهم ڪرڻ جي حد ختم ڪندي کين پنهنجي مرضي مطابق ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته خريداري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، هارين کي فوري ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ صوبائي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ فيلڊ جي سطح تي پهچ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو، سيڪريٽري خوراڪ عباس نائچ، اعليٰ آفيسرن ۽ سنڌ بئنڪ جي نمائندن شرڪت ڪئي. خريداري مهم جاري وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي خريداري واري مهم پهرين اپريل کان شروع ٿي چڪي آهي، جنهن جو هدف 10 لک ميٽرڪ ٽن آهي ۽ امدادي قيمت 3500 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. هي پروگرام صوبي جي تقريبن 1.94 ملين ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکيندڙ 332000 کان وڌيڪ هارين جي مدد ڪري ٿو. خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته 973900 ميٽرڪ ٽن جي مجموعي هدف جي مقابلي ۾ هينئر تائين تقريبن 8,958 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته خريداري جو هدف حاصل نه ٿيڻ جو بنيادي سبب ننڍن آبادگارن تي في ايڪڙ پنجن ٻورين جي لڳل حد هئي. ان معاملي جو نوٽيس وٺندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فوري طور تي في ايڪڙ پنجن ٻورين واري حد ختم ڪري ڇڏي ۽ ننڍن آبادگارن کي بغير ڪنهن مقدار جي پابندي جي حڪومت کي ڪڻڪ وڪڻڻ جي اجازت ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هارين کي ادائيگي جي عمل کي ڪافي تيز ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي سنڌ بئنڪ ذريعي رقم هڪ ڏينهن اندر منتقل ڪئي پئي وڃي. هينئر تائين آبادگارن کي 198.3 ملين رپيا ادا ڪيا ويا آهن. وڏي وزير ادائيگي جي بهتر نظام تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هارين جي اعتماد لاءِ وقت سر ادائيگي تمام ضروري آهي. اسان کي يقيني بڻائڻو پوندو ته هر آبادگار کي شفاف طريقي سان ۽ فوري ادائيگي ڪئي وڃي. مراد علي شاهه ضلعي انتظاميه، زراعت ۽ خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته خريداري مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ هارين جي وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سمورن اهل هارين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته هو پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري خريداري مرڪزن تي کڻي اچن. هي نه صرف فوڊ سيڪيورٽي بلڪه اسان جي آبادگارن جي مدد لاءِ به تمام ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته حڪومت کي ڪڻڪ وڪڻندڙ آبادگار مستقبل ۾ به سبسڊيز ۽ امدادي پروگرامن جا اهل رهندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار باقاعدي طور خريداري مرڪزن جو دورو ڪري رهيا آهن جڏهن ته زراعت کاتي جا آفيسر هارين سان رابطي ۾ آهن. شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي ۽ آبادگارن جي سهولت لاءِ وڌيڪ 12 ڪڻڪ خريداري مرڪز کوليا ويا آهن. وڏي وزير خريداري مرڪزن جي سخت نگراني جي هدايت ڪئي ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪنهن به بدعنواني کي ختم ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته بي قاعدگين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. سڄو عمل هارين لاءِ آسان ۽ اثرائتو هجڻ گهرجي.