سنڌ سميت ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار، بجلي بندش جو وقت 18 ڪلاڪن کان وڌي ويو

ڪراچي/اسلام آباد/لاهور (رپورٽر/م ڊ)سنڌ سميت ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪاروباري ۽ تعليمي سرگرميون سخت متاثر ٿيون آهن. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عرصو  16 ڪلاڪن کان وڌي ويو آهي، شهر جي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنل علائقن ۾ به ڪيترن ئي ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، نواب شاه سميت سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي. پشاور ۾ لوڊشيڊنگ جو عرصو 16 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ 4 کان 6 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ تي عوام پريشان آهي، بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪن جي بجلي بندش معمول بڻجي وئي آهي.ليسڪو ذريعن موجب، لاهور ۾ ڪا به غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ناهي، شارٽ فال 100 ميگاواٽ تي رهي آهي.پنجاب جا ڳوٺ ۽ ننڍا شهر 2 کان 3 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.