بيجنگ(عوامي آواز نيوز)چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته آبناءِ هرمز مان جهازن جي معمول مطابق اچ وڃ جاري رهڻ گهرجي۔چيني سرڪاري خابرو ايجنسي موجب، صدر شي اها ڳالهه سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي۔وچ اوڀر جي موجوده صورتحال بابت ڳالهائيندي شي جن پنگ چيو ته چين فوري ۽ جامع جنگبندي ۽ فوجي ڪارروائين جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ امن جي بحالي لاءِ ڪيل سڀني ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو۔چيني صدر وڌيڪ چيو ته آبنائي هرمز مان بحري جهازن جي معمول مطابق اچ وڃ خطي جي ملڪن ۽ عالمي برادري جي گڏيل مفاد ۾ آهي۔