ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب ڪراچي پورٽ لاءِ عالمي واپار جو مرڪز بڻجڻ جا وڏا موقعا پيدا ٿيا آهن، پر پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ خراب گورننس انهن موقعن کي ضايع ڪري رهي آهي. مفتاح اسماعيل پنهنجي تبصري ۾ انڪشاف ڪيو ته مارچ جي هڪ مهيني ۾ ڪراچي پورٽ تي ايتري ٽرانشپمينٽ ٿي آهي جيتري پوري سال 2025ع ۾ ٿي هئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ بهتر انفرانسٽرڪچر ۽ انتظاميا هجي ها ته هي شهر دبئي وانگر هڪ وڏو واپاري مرڪز بڻجي سگهي ها، جنهن سان پوري پاڪستان جي نوجوانن کي روزگار ملي ها. هن سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ مقامي حڪومتون غير فعال آهن ۽ بااختيار مقامي نظام نه هجڻ سبب شهر تباهه ٿي رهيو آهي. مفتاح اسماعيل موجب، بلڊنگ پرمٽس کان وٺي انتظامي فيصلن تائين هر شيءِ وزيراعليٰ پنهنجي قبضي ۾ رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ ڪرپشن جو خاص ”سسٽم“ ۽ لاقانونيت جاري آهي، جنهن کي پوليس روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن چيو ته يا ته پيپلز پارٽي سنڌ تي حڪومت ڪندي يا ملڪ ۾ ترقي ايندي، هي ٻئي شيون ڪڏهن به هڪ ئي وقت ممڪن ناهن.