دبئي/رياض(عوامي آواز نيوز)متحدہ عرب امارات آمريڪا کان درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن ايران سان جنگ سبب وچ اوڀر ۾ بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿو ته ان کي مالي تحفظ لاءِ هڪ حفاظتي نظام فراهم ڪيو وڃي. اهو انڪشاف آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي۔رپورٽ موجب گڏيل عرب امارات کي خدشو آهي ته ايران سان جنگ ان جي معيشت ۽ عالمي مالي مرڪز طور ان جي حيثيت کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿي. ان سان نه رڳو پرڏيهي ناڻي جا ذخيرو متاثر ٿي سگهن ٿا، پر اهي سيڙپڪار به خوفزده ٿي سگهن ٿا جيڪي هن ملڪ کي هڪ مستحڪم ۽ محفوظ سيڙپڪاري مرڪز سمجهندا هئا۔اماراتي عملدارن آمريڪي عملدارن سان ڳالهين دوران زور ڏنو ته جيتوڻيڪ گڏيل عرب امارات هينئر تائين هن تڪرار جي وڏن معاشي اثرن کان بچيل رهيو آهي، پر ايندڙ وقت ۾ ان کي ڪنهن مالي سهاري جي ضرورت پئجي سگهي ٿي۔آمريڪي عملدارن موجب گڏيل عرب امارات جي مرڪزي بئنڪ جي گورنر خالد محمد گذريل هفتي واشنگٽن ۾ آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ۽ فيڊرل ريزرو ۽ ناڻي واري کاتي جي عملدارن سان ملاقاتن دوران ڪرنسي سوئپ لائن جو تصور پيش ڪيو۔اماراتي عملدارن آمريڪي ڌر کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ پيدا ٿي ته هو تيل جي وڪري ۽ ٻين مالي ڏيتي ليتي لاءِ چيني يوآن يا ٻين ڪرنسين جو استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي خبرون عام آهن ته سعودي عرب،گڏيل عرب امارات ۽ قطر چيني يوان ۾ پيٽرول وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي