ٽرمپ کي ”جوڪر“ قرار ڏنو پيو وڃي:اڳوڻو سفير

لاهور(مزمل سهروردي)اڳوڻي سفير عمران علي چيو آهي ته ايران کي به پنهنجي عوام کي ٻڌائڻو پوندو ته اسان عارضي طور ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ٽرمپ کي “جوڪر” قرار ڏنو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته هي هڪ مذاق جهڙو ماحول آهي، پر اصل ۾ ڳالهين  جو ماحول ٺهي چڪو آهي ۽ ڳالهين جو ميز سججي چڪو آهي،هن چيو ته آمريڪا ايران جو هڪ واپاري بحري  جهاز به قبضي ۾ ورتو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ طرفان چيو ويو ته بحري ناڪابندي (نيوي بلاڪيڊ) مڪمل طور تي برقرار رهندي. اهو بحري جهاز وارو معاملو به هڪ دٻاءُ (ڊيٽرنٽ) طور استعمال ڪيو پيو وڃي.جيڪڏهن هن مرحلي ۾ معاهدو نه ٿيو ته ٿي سگهي ٿو سيز فائر وڌايو وڃي ۽ ايندڙ دور ۾ معاهدي طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ايران جو موقف آهي ته هو پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندو، پر ممڪن آهي ته هو ڪجهه لچڪ ڏيکاري ۽ آبنائي هرمز کي کولڻ تي تيار ٿي وڃي.جنگ دوران ايران وڏي مقدار ۾ تيل وڪرو ڪيو آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ريٽ تي ان کي وڪرو ڪيو ويو آهي. ڪجهه پابنديون به نرم ڪيون ويون آهن ته جيئن تيل جي واپار لاءِ رستو کلي سگهي.ساڳئي وقت آمريڪا کي به اندروني سياسي مسئلا آهن، ۽ اسرائيل ۾ عام چونڊون ويجهو آهن. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي مقبوليت به گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته ايران شايد آخرڪار اسلام آباد اچي ويندو، ڇو ته پاڪستان جي ميزباني ۽ عالمي دٻاءُ اهم آهي. ممڪن آهي ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اچي يا نه اچي، ان ۾ اڃا ابهام آهي. جيڪڏهن معاهدو ٿيو ته شايد آمريڪي صدر ٽرمپ پاڻ به صحيح لاءِ اچي سگهي ٿو،هن چيو ته هن راؤنڊ ۾ مڪمل معاهدو ٿيڻ مشڪل آهي پر ڪجهه بنيادي نقطن تي اتفاق ٿي سگهي ٿو سيز فائر وڌائي سگهجي ٿي  ۽ ايندڙ راؤنڊ ۾ حتمي معاهدو ٿي سگهي ٿو هن چيو ته جيڪڏهن ايران ڳالهين ۾ نه آيو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن آيو ته ڳالهين ذريعي ڪو رستو نڪري سگهي ٿو،هن چيو ته  اهم تڪراري مسئلو آبنائي هرمز  آهي ايران چوي ٿو ته هو پنهنجي خودمختياري نه ڇڏيندو آمريڪا چاهي ٿو ته ايران ٻيهر هن رستي کي بند نه ڪري سگهي ايران چاهي ٿو ته ناڪابندي ختم ڪئي وڃي آمريڪا ان کي دٻاءُ جو اوزار طور استعمال ڪري رهيو آهي هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي پنهنجي عوام کي “ڪاميابي” ڏيکارڻي آهي هي معاملو اصل معاهدي کان به وڌيڪ حساس بڻجي ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.