اسلام آباد( معظم فخر) اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اهم ڳالهين جي معاهدي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ٻنهي ملڪن جي وفدن جي پاڪستان آمد جو شيڊول به سامهون اچي ويو آهي .سرڪاري ذريعن موجب آمريڪي وفد اڄ رات اسلام آباد پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايراني وفد سڀاڻي صبح پاڪستان پهچڻ جي اميد آهي. علائقي جي موجوده صورتحال ۾ اهي اعليٰ سطحي ڳالهيون انتهائي اهم سمجهيون پيون وڃن، ڇو ته خطي جي سلامتي گهڻو حد تائين انهن ڳالهين جي نتيجن سان لاڳاپيل آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ اڳڀرائي مان ظاهر ٿي رهيو هو ته تڪرار وڌي رهيو آهي. رپورٽن موجب ايراني وفد کي انهن ڳالهين بابت ڪجهه خدشا هئا، خاص طور تي آمريڪا طرفان آبناءِ هرمز بابت نئين تجويز کي اڳوڻين ڳالهين جي سمجهاڻي جي ابتڙ قرار ڏنو ويو. ان صورتحال ۾ پاڪستان جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب صدر جي ڊي وينس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کين مشورو ڏنو ته آبناءِ هرمز بابت ڳالهين کي ٻيهر کوليو وڃي. رپورٽن موجب آمريڪي صدر هن مشوري تي غور ڪرڻ جو چيو.پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي پڻ آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ آمريڪي وفد جي سيڪيورٽي انتظامن بابت آگاهي ڏني. ساڳئي وقت هن ايراني سفير رضا امير مقدم سان به ملاقات ڪئي. ايراني پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته اڃا تائين ايران ٻئي مرحلي جي ڳالهين ۾ شرڪت جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو.ٻئي پاسي نور خان هوائي اڏي تي آمريڪي فوجي جهازن جي لهڻ جو سلسلو جاري آهي، جتي ڪيترائي سي-17 جهاز لٿا آهن ۽ وڌيڪ اچڻ جو امڪان آهي. ڪجهه رپورٽن موجب آمريڪي نائب صدر جي آمد بابت به متضاد خبرون سامهون آيون آهن، جڏهن ته هوائي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس جهاز به پهچي چڪو آهي.سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن. نور خان هوائي اڏي ڀرسان علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ رهواسين کي گهرن اندر رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. امڪان آهي ته سڀاڻي اسلام آباد جي سرينا هوٽل ۾ اهي اهم ڳالهيون ٿينديون.ايران جي حڪمت عملي موجب، ڳالهين ۾ شرڪت کان اڳ پنهنجي اهم گهرجن کي مڃرائڻ چاهي ٿو. انهن ۾ سڀ کان اهم مطالبو اهو آهي ته ايران تي لڳايل پابنديون ختم ڪيون وڃن ۽ کيس تيل ۽ گيس جي آزاد واپار جي اجازت ڏني وڃي.ٻيو اهم معاملو يورينيم جي افزائش ۽ ان جي ملڪيت جو آهي. ايران واضح ڪري چڪو آهي ته افزوده يورينيم ان جي ملڪيت آهي ۽ اهو ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا حوالي نه ڪندو، البته ڪجهه دوست ملڪن سان تعاون جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.ٽيون اهم مطالبو اهو آهي ته پرڏيهه ۾ منجمد ايراني اثاثا واپس ڪيا وڃن، جڏهن ته چوٿون معاملو آبنائي هرمز سان لاڳاپيل آهي، جتي ايران پنهنجي نقصانن جي تلافي چاهي ٿو.انهن سڀني معاملن تي سڀاڻي ٿيندڙ ڳالهين ۾ غور ڪيو ويندو. امڪان آهي ته ڊگهي ۽ اهم ڳالهين کانپوءِ صورتحال واضح ٿيندي ته ڇا آمريڪا ۽ ايران ڪنهن معاهدي ڏانهن وڌي رهيا آهن يا نه.پاڪستان هن سڄي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. هاڻي فيصلو آمريڪا ۽ ايران کي ڪرڻو آهي ته هو امن چاهين ٿا يا تڪرار.