صدر زرداري جي صدارت ۾ اجلاس: لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر

لاهور/اسلام آباد(امداد سومرو)اسلام آباد مان تمام دلچسپ ۽ اهم سياسي خبرون سامهون اچي رهيون آهن۔ ملڪ جي صدر آصف علي زرداري تمام گهڻي سرگرمي ڏيکاري آهي۔ هن ايون صدر ۾ هڪ اهم اجلاس سڏايو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن اويس  لغاري،احسن اقبال،راڻا ثناءُ الله، ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ، توانائي بحران ۽ مستقبل جي پاليسين تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔اجلاس ۾ پاڻي بچائڻ، ننڍن ڊيمز ٺاهڻ، جديد زرعي طريقن کي اپنائڻ ۽ توانائي جي بهتر انتظام بابت هدايتون ڏنيون ويون۔ ملڪ ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته شيڊيول موجب بجلي بندش ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي اڳواٽ ڄاڻ هجي۔ٻئي طرف، بلاول ڀٽو زرداري جي اوچتي غير حاضري به بحث جو موضوع بڻيل آهي۔ ڪراچي ۾ هڪ اهم تقريب، جتي سولر پينلز ورهائڻا هئا، اوچتو ملتوي ڪئي وئي ۽ بلاول تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي۔ جيتوڻيڪ هو شهر ۾ موجود هو، پر سندن نه اچڻ جا سبب واضح نه ٿي سگهيا آهن۔انهيءَ دوران، تحريڪ انصاف ۾ اندروني اختلاف به شدت اختيار ڪري ويا آهن۔ ڪجهه اڳواڻ پارٽي قيادت تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ روايتي احتجاجي سياست کان پري رهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن۔ انهن جو چوڻ آهي ته تشدد، هنگاما ۽ شهرن تي چڙهائي ڪرڻ سياست ناهي۔موجوده صورتحال مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف اندر انتشار وڌي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت جو سيٽ اپ وڌيڪ مستحڪم نظر اچي رهيو آهي۔ ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جي سياست ۾ وڌيڪ اهم تبديليون ڏسڻ ۾ اچي سگهن ٿيون۔

بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو): صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان سان واسطو رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي هڪ اعليٰ سطحي وفد  ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري ملڪ، خاص ڪري بلوچستان مان غير ملڪي پٺڀرائي سان سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي قيام ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ رياستي ڪوششون پوري قوت سان جاري آهن ۽ ان حوالي سان ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن ملاقات ۾ سردار محمد عمر گورگيچ، مير عبدالقدوس بزنجو، بلال مندوخيل، نوابزادا جمال ريساڻي، نواب ثناءُ الله زهري، ظهور بليدي ۽ علي مدد جتڪ سميت وڏي انگ ۾ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اڳواڻن صدر کي بلوچستان جي عوام جي مسئلن ۽ ترقياتي ضرورتن بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي صدر زرداري وفد کي يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقيءَ کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي.

بجلي بحران وڌڻ لڳو، شارٽ فال 4 هزار ميگاواٽ تائين پهچي ويو

ڪراچي/لاهور/پشاور (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ بجلي جو شارٽ فال 4 هزار ميگاواٽ تائين پهچڻ کانپوءِ ملڪ جي  ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شدت اختيار ڪري ويو آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 10 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهي ٿي، جنهن سبب شهرين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ 5 کان 6 ڪلاڪ جڏهن ته اسلام آباد ۾ 6 ڪلاڪن تائين بجلي غائب رهي ٿي. پشاور جي شهري علائقن ۾ 6 ڪلاڪ پر ان سان لڳل ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. سڀ کان بدترين صورتحال بلوچستان ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جتي ديھي علائقن جا رهواسي 20 ڪلاڪن تائين بجلي جي سهولت کان محروم آهن. ٻئي پاسي، راولپنڊي ۾ لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ گهٽتائي آئي آهي.

گئس ۽ بجلي جي بندش سبب بيروزگاري وڌي رهي آهي:ڪاشف سعيد

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ  سبب گهريلو نظام مفلوج، صنعتي ڦيٿو جام ۽ ڪاروباري زندگي ٺپ بڻيل آهي، عوام جي زندگي عذاب بڻجي چڪي آهي، نام نهاد جعلي حڪومت طرفان ڳرا بل ۽ ناجائز ٽيڪسن باوجود بجلي ۽ گئس جي ڊگهي ۽ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ عوام جي زندگي زهر توڙي ماڻهن کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، سخت گرمي ۾12 کان14 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهڻ، خاص ڪري رات جي وقت، ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن جڏهن ته بجلي نه هجڻ سبب ٻار ۽ بزرگ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، جن کي هيٽ اسٽروڪ ۽ ٻين بيمارين جو خطرو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ گئس ۽ بجلي جي سخت لوڊشيڊنگ سبب عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، پر حڪمران ٽولو پنهنجي عياشين ۾ مصروف آهن.

پاور سيڪٽر ملازمن جا مفت بجلي يونٽ ختم

لاهور/اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ وڏو فيصلو ڪندي پاور سيڪٽر (بجلي جي شعبن) جي ملازمن  کي ملندڙ مفت بجلي جا يونٽ مڪمل طور ختم ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير اويس لغاري لاهور هاءِ ڪورٽ جي ان تاريخي فيصلي جي آجيان ڪندي ان کي عوام جي فتح قرار ڏنو آهي. وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته بجلي جي مفت يونٽن جو خاتمو عوام جو سڀ کان پراڻو مطالبو هو، جنهن کي هاڻي پورو ڪيو ويو آهي.

ڪراچي سوڌو ملڪ ۾ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) ڪراچي سوڌو ملڪ ۾ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، سي پي پي اي پاران بجلي جي في يونٽ قيمت  ۾ واڌ لاءِ درخواست نيپرا وٽ جمع ڪرائي وئي، بجلي جي قيمت ۾ 26 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي، جيڪا مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهري وئي، نيپرا 28 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي، سي پي پي اي موجب مارچ دوران 8 ارب 93 ڪروڙ 90 لک يونٽس بجلي پيدا ڪئي وئي، ڊسڪوز کي 8 ارب 64 ڪروڙ 40 لک يونٽس فراهم ڪيا ويا ۽ مارچ لاءِ ريفرنس لاڳت 7.99 رپيا في يونٽ مقرر هئي، انگن اکرن موجب بجلي جي پيداوار ۾ مختلف ذريعن جو حصو رهيو، جن ۾ پاڻي مان 23.55 سيڪڙو،مقامي ڪوئلي مان 16.76 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، درخواست موجب تجويز ڪيل واڌ ڪي اليڪٽرڪ تي به ٿيندي.

پيٽروليم ليوي مد ۾ عوام کان 180 ارب رپين کان وڌيڪ وصوليون

اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم ليوي مد ۾ مالي سال دوران ڪل وصوليون 1234 ارب رپين کان وڌي ويون، وفاقي حڪومت پاران  گذريل ڏيڍ مهيني دوران پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي مد ۾ عوام کان 180 ارب رپين کان وڌيڪ وصوليون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، وفاقي ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پيٽروليم شين تي لاڳو ليوي ۾ غير معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري تڪرار دوران گذريل ڏيڍ مهيني ۾ وڏي پئماني تي وصوليون ڪيون ويون، هلندڙ مالي سال جولاءِ کان اپريل جي وچ تائين مجموعي طور 1234 ارب رپيا پيٽروليم ليوي جي مد ۾ گڏ ڪيا ويا، جيڪا گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 400 ارب رپيا وڌيڪ آهي، جولاءِ ۾ 157 ارب، آگسٽ ۾ 103 ارب 46 ڪروڙ، سيپٽمبر ۾ 112 ارب 85 ڪروڙ ۽ آڪٽوبر ۾ 143 ارب 48 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا، نومبر ۾ 148 ارب 36 ڪروڙ ۽ ڊسمبر ۾ سڀ کان وڌيڪ 162 ارب 46 ڪروڙ رپيا وصول ٿيا، جنوري ۾ 108 ارب 76 ڪروڙ، فيبروري ۾ 120 ارب 39 ڪروڙ ۽ مارچ ۾ 139 ارب 48 ڪروڙ رپيا گڏ ڪيا ويا، جڏهن ته اپريل جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 38 ارب رپيا حاصل ڪيا ويا.

بجلي بحران صلاحيت جو نه انتظامي مسئلو آهي:گوهر اعجاز

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اڳوڻي نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته پاڪستان ۾ جاري بجلي جو بحران صلاحيت جو نه پر انتظام ۽ گورننس جو مسئلو آهي۔سماجي رابطن واري پليٽ فارم تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب هن چيو ته ملڪ ۾ 46,605 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي نصب ٿيل صلاحيت موجود هجڻ باوجود صنعت کي صرف 2 کان 4 ڪلاڪ  لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين روزانو 7 کان 16 ڪلاڪ تائين بجلي جي بندش جو شڪار آهن۔گوهر اعجاز سوال اٿاريو ته آخر اهڙي پاور مينيجمينٽ پويان ڪهڙي منطق ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته 15 اپريل 2026 تائين جي انگن موجب وڌيڪ طلب جي وقت پيداوار 13,958 ميگاواٽ رهي ٿي، جڏهن ته گهٽتائي 4,090 ميگاواٽ تائين پهچي ٿي۔هن خبردار ڪيو ته گرمي جو موسم اڃا مڪمل طور شروع به ناهي ٿيو، پر طلب اڳ ئي 20,520 ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا اونهاري ۾ 30,000 کان 33,000 ميگاواٽ تائين وڃي سگهي ٿي۔سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اڄ ئي طلب پوري نٿي ٿي سگهي ته اصل گرمي جي موسم ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي۔اڳوڻي وزير چيو ته بحران جو سبب صلاحيت جي کوٽ نه پر انتظامي ناڪامي آهي، ڇو ته هائيڊرو پاور جي پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ سستي بجلي جا منصوبا غير فعال ٿي ويا آهن، جن ۾ نيلم جهلم هائيڊرو پاور منصوبو به شامل آهي۔هن وڌيڪ چيو ته گيس پاور پلانٽس ٻارڻ جي غلط ورڇ سبب مڪمل صلاحيت سان ڪم نٿا ڪري سگهن، جڏهن ته سولر توانائي رات جي وقت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ توانائي اسٽوريج جو ڪو مؤثر نظام موجود ناهي۔گوهر اعجاز موجب ٽرانسميشن جو نظام به موجود بجلي کي صحيح هنڌ تائين پهچائڻ ۾ ناڪام آهي، جنهن سبب پيدا ٿيل بجلي ۽ استعمال ٿيندڙ بجلي ۾ وڏو فرق پيدا ٿي رهيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته عوام کي 46,605 ميگاواٽ جي مڪمل صلاحيت جي قيمت بجلي جي بلن ۾ ادا ڪرڻي پوي ٿي، پر ضرورت وقت اها بجلي دستياب نٿي ٿئي۔سندس مطابق اصل مسئلو انجنيئرنگ نه پر گورننس، ايندھن جي منصوبابندي، گرڊ مينيجمينٽ ۽ مالي نظم و ضبط جي ناڪامي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.