بيروت/ تهران (م ڊ) لبنان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 10 ڏينهن جنگ بندي بعد خطي ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي. عالمي ميڊيا رپورٽن موجب، جنگ بندي جو وقت شروع ٿيندي ئي لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ شهرين جي وڏي انگ روڊن تي نڪري جشن ملهايو. ڪيترن ئي هنڌن تي هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي ۽ شهرين امن جي بحالي تي هڪٻئي کي مبارڪبادون ڏنيون. ٻئي طرف، ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ پڻ هن اڳڀرائي تي جذباتي رد عمل ڏنو ويو جتي فضا حزب الله جي حق ۾ نعرن سان گونجي اٿي. ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي قدس فورس جي ڪمانڊر اسماعيل قاني پنهنجي بيان ۾ چيو ته لبنان ۽ خطي جا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته هن جنگ ۾ سوڀ حزب الله جي ٿي آهي.