گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان رحمان بابا ايڪسپريس جي انجڻ ۾ باهه

ملير/ ڌاٻيجي (نمائندن وٽان) ڌاٻيجي ڀرسان ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ٽرين رحمان بابا ايڪسپريس جي مک انجڻ ۾ اوچتو باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو، جنهن جو سبب شروعاتي طور شاٽ سرڪٽ ٻڌايو ويو، ٽرين ڊرائيور حاضر دماغي سان وڏي حادثي کي ٽاري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان ڪراچي کان لاهور ويندڙ رحمان بابا مسافر ٽرين جي انجڻ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن کي لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ضابطي ۾ آندو ويو، باهه لڳڻ واري واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس  پکڙجي ويو، مسافرن ۾ پڻ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ذريعن موجب باهه لڳڻ جو اطلاع فائر برگيڊ کي فوري ڏنو ويو پر فائر برگيڊ جو عملو ٻه ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ تي پهتو جنهن سبب باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ دير لڳي، ريلوي عملي بروقت ڪارروائي ڪندي باهه لڳڻ شرط انجڻ کي مسافر بوگين کان الڳ ڪري ڇڏيو جنهن سبب وڏو حادثو ٿيڻ کان بچي ويو بعد ۾ ريلوي انتظاميا پاران ٽرين ۾ سوار سڀني مسافرن کي محفوظ طريقي سان بن قاسم ريلوي اسٽيشن منتقل ڪيو ويو، ريلوي اختيارين موجب باهه جي واقعي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته انجڻ کي جزوي نقصان پهتو آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جيئن باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪري سگهجن، جڏهن ته بابا رحمان ايڪسپريس کي لڳل باھ کي وسائڻ لاءِ آيل انسپيڪٽردل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، فوت ٿيل انسپيڪٽر جي سڃاڻپ پورٽ قاسم ريلوي مختيار مهر طور تي ٿي جيڪو انجڻ کي باهه وسائڻ جي خدمت لاءِ عملي سميت پهتو ته دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.