ميرپورخاص(رپورٽ: غفاررند) ڊاڪٽر فھميده لغاري جي مبينا خودڪشي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار نجي ڪاليج جي ليڪچرار عابد لغاري ۽ شاگرد عبدالرحمان جٽ کي سيٽلائيٽ ٽائون پوليس پاران ريمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد وڌيڪ جاچ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جي جاچ ايس ايڇ او اولڊ ميرپور پوليس انسپيڪٽر ڪامران هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ جاري آهي، گذريل ڏينهن ٻنهي جوابدارن کي لاڳاپيل جڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي جاچ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻنهي جوابدارن کي پنجن ڏينهن جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏئي ڇڏيو، پوليس موجب ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ اهم انڪشاف سامهون اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن خانگي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٽرسٽي پاران واقعي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ جاچ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڏينهن جي مهلت طلب ڪندي ڪاليج جي ٽرسٽي کي جاچ رپورٽ اربع تائين رپورٽ جمع ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ٻي طرف اطلاع آهن ته آءِ جي سنڌ پاران ايس ايس پي سهائي عزيز جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪاميٽي اڄ محمد ميڊيڪل ڪاليج پهچي الزام هيٺ آيل پرنسپل تنوير عالم ۽ سندس گھر واري سميت ڪاليج جي شاگردن سان ملاقات ڪري واقعي بابت جاچ ڪندي سندن بيان رڪارد ڪندي ، جڏهن ته جاچ ڪاميٽي پاران رپورٽ پيش ڪرڻ جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٽرسٽي ڊاڪٽر سيد رضي محمد چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ اسان پروفيسر ڊاڪٽر شمس العارفين خان، پروفيسر رياض قدير، ڊاڪٽر حرا آصف تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي آهي جنهن کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻي هئي پر جاچ رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي پاران اربع تائين جي مهلت طلب ڪئي آهي جنهن ۾ ڪاليج سان لاڳاپيل ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪري رپورٽ مڪمل ڪئي ويندي تفصيلي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ ٽيم پاران اربع تائين جي مهلت گھرڻ سبب رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي آهي رپورٽ اچڻ بعد ان جو جائزو ورتو ويندو، جاچ ٽيم جي اچڻ جي حوالي سان سوال ڪرڻ تي هن چيو ته آءِ جي سنڌ پاران جاچ لاءِ سهائي عزيز جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪاميٽي اڄ واري ڏينهن اچڻ جو چيو آهي جنهن ۾ ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن سميت ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن سان ملاقات ڪرڻ جو ٻڌايو ويو آهي ٽيم جي اچڻ تي ٽيم سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو.
فهميده واقعي کان پوءِ استادن ۽ عملي کان حلف نامو طلب
خيرپور (خاص رپورٽ) خيرپور ۾ ڊي اي او آفيس (پرائمري) طرفان 15 اپريل 2026 تي جاري ڪيل هڪ باضابطا خط ۾ سڀني تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن (پرائمري) مرد ۽ عورتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي اختيارن جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪندڙ سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي کان فوري طور حلف ناما جمع ڪرائين، جن ۾ اهو واضح ڪيو وڃي ته اهي ڪنهن به ٻي سرڪاري يا نجي نوڪري يا روزگار سان لاڳاپيل نه آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته هي قدم اعليٰ اختيارين جي هدايتن ۽ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي پاليسي تحت کنيو پيو وڃي ته جيئن تعليمي عملي جو مڪمل ڌيان سرڪاري فرضن تي رکي سگهجي، لاڳاپيل آفيسرن کي اهو به چيو ويو آهي ته هو هن هدايت تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائين ۽ جلد کان جلد مڪمل رپورٽ آفيس ڏانهن موڪلين، خط تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) خيرپور اياز حسين مهيسر جون صحيحون موجود آهن، جڏهن ته ان جي ڪاپي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري سکر ريجن ۽ آفيس جي رڪارڊ لاءِ پڻ موڪلي وئي آهي، ٻئي طرف ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايواليوشن ياسين قربان عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙو ڪو به آرڊر منهنجي علم ۾ ناهي ۽ جيڪڏهن ٿيو به آهي ته اهو سٺو عمل آهي ۽ ان ۾ ڪا غلط ڳالهه ناهي، هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر انيس الرحمان ميمڻ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڊائريڪٽر پرائمري حڪم جاري ڪيو آهي پر مون اڃا تائين جاري ناهي ڪيو، اهو فيصلو ڊپٽي ڪمشنر سکر جي گڏجاڻي ۾ ٿيو هو.
فهميده لغاري جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو ويندو:عليم خانزاده
ميرپورخاص: هراسمينٽ کان پريشان تي آپگھات ڪندڙ نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٿرڊ ائير جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي وارثن سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ميمبرقومي اسيمبيل عبدالعليم خانزاده پهتو، ايم اين اي فهميده جي وارثن سان تعزيت ڪري کين انصاف جي فراهمي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فهميده لغاري جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو ويندو هن چيو ته هراسمينٽ سبب ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي پاران آپگھات ڪرڻ افسوسناڪ آهي، ڊاڪٽر فهميده جي موت هراسمنت جي خلاف مزاحمتي جنگ جي علامت بڻجي چڪي آهي پوري صوبي ۾ فهميده سميت ٻين شاگردياڻين سان تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ هراسمينٽ جي خلاف شاگرد شاگردياڻيون، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي، هن چيو ته 18 ترميم بعد صحت کاتو صوبن حوالي آهي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي واضع هدايتن جي باوجود صوبائي حڪومت خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ هراسمينٽ کي روڪڻ لاءِ ڪاميٽيون قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ وارثن پاران فهميده لغاري کي هراسمينٽ جو شڪار بنائڻ جي شڪايتن جي باوجود بروقت انصاف جي فراهمي نه ٿيڻ سبب هڪ هونهار شاگردياڻي آپگھات ڪرڻ تي مجبور ٿي ۽ فهميده لغاري کي هراسمينٽ ڪندڙ نجي ڪاليج جي استاد جي گوسڙو استاد هجڻ جي انڪشافن بعد صوبائي حڪومت ۽ تعليم کاتي جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيا آهن.
ڪيس جي جاچ ڪنهن ايماندار آفيسر کان ڪرائي وڃي: سچل وڌو
کوکراپار(رپورٽ: عنايت قمبراڻي) بهار فائونڊيشن ۽ آل پاڪستان ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان ڪراچي ۾ ”منهنجي امڙ پبلڪ لائبريري“ ۾ ميرپورخاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج سان لاڳاپيل شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري جي دل ڏاريندڙ واقعي تي افسوس جو اظھارڪندي تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ميڊيڪل شعبي سان لاڳاپيل شاگردن شاگردياڻين ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ميڙاڪي ۾ ڊاڪٽر قربان ڏاهري، ڊاڪٽر عبدالرزاق جمع، ڊاڪٽر طيبه رحمان، گريوا اڳواڻ مشتاق اڄڻ ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، بهار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌو چيو ته جيڪڏهن ماضي ۾ نمرتا نوشين، نائلا رند ۽ ٻين اهڙن ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزائون مليون هجن ها ته اڄ ڊاڪٽر فهميده لغاري جهڙيون نياڻيون اهڙي انجام تي نه پهچن ها، سنڌ حڪومت، وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي گهرجي ته هو فوري طور تي ملوث استادن ۽ اداري جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري شفاف جاچ کي يقيني بڻائين ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪن، تعزيتي ميڙاڪي ۾ مطالبو ڪيو ويو ڪيو ته ڊاڪٽر فهميده لغاري ڪيس جي غيرجانبدارانه جاچ ڪنهن ايماندار آفيسر کان ڪرائي وڃي ۽ سڀني ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به نياڻي کي اهڙي اذيت مان نه گذرڻو پوي.