ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ خالد حسين شاهاڻي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ قومپرست ڪارڪن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ سندن منظور ڪيل ضمانت رد ڪرڻ بابت اي ٽي سي جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو،عدالت ٻنهي ڄڻن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت کي پڪو ڪري ڇڏيو، غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي پيروي عامر نواز وڙائچ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالحسيب جمالي ڪئي، عامر نواز وڙائچ ٻڌايو ته گذريل سال 2025ع ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو جنهن تي سخت احتجاج بعد سي ٽي ڊي ڌماڪيدار مادو ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڪيسن ۾ سندن گرفتاري ظاهر ڪندي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو. ان اي ٽي سي ٻنهي ڄڻن جي ضمانت منظور ڪئي پر بعد ۾ پوليس جي درخواست تي عدالت سندن ضمانت منظور ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو هو.