سکر ۾ بدامني، هٿياربندن جو دڪان تي حملو، نوجوان قتل

سکر (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) سکر جي علائقي شڪارپور روڊ وٽ سڪي تلاءُ ڀرسان بيٽري جي دڪان تي هٿياربند جوابدارن جي فائرنگ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي سڪي تلاءُ الشهباز ٽريڊرز نالي بيٽري جي دڪان تي هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ديوان وشال ڪمار سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي  ويو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي سکر پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ لاش کي کڻي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، پوليس شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري جلد اصل جوابدار گرفتار ڪيا ويندا ٻئي طرف طرف نوجوان جي قتل تي شهر ۾ خوف و حراص واري صورتحال پيدا ٿي وئي، شهرين طرفان واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.