ميرپورخاص (ڊ ر) ميرپورخاص ۾ رياستي ادارن پاران هڪ وڏي ۽ فيصلائتي ڪارروائي دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو هولناڪ انڪشاف سامهون آيو، ذريعن موجب بي آءِ ايس پي جي نالي تي غريب، بيواهه، يتيم ۽ نادار عورتن کي ملندڙ امدادي رقم مان منظم طريقي سان ڪٽوتيون ڪيون پئي ويون، جنهن ۾ ملوث فرنچائز مالڪن ۽ ڊوائيس هولڊرن کي وڏي پيماني تي گرفتار ڪيو ويو، جاچ دوران حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن ته هن ڪرپشن نيٽ ورڪ ۾ نه رڳو فرنچائز مالڪ پر بي آءِ ايس پي آفيسر، پوليس اهلڪار، اسپيشل برانچ، وفاقي جاچ اداري جا اهلڪار، صحافي ۽ ايجنٽ به شامل آهن، ميرپورخاص پوليس جاز فرنچائز جي مالڪ سهيل ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو جنهن اهم انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته بي آءِ ايس پي جو سسٽم جاز ڪمپني هلائي ٿي ۽ ڪمپني طرفان فرنچائز تي ٽي ايس ايس نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو نوازش علي ميمڻ آهي جيڪو بي آءِ ايس پي آفيسرن، فرنچائز ۽ ڊوائيس هولڊرن وچ ۾ رابطو ڪرائي ٿو، فرنچائز وٽ 35 ڊوائيسز آهن جيڪي ريٽيلرز هلائن ٿا ۽ هر بينيفيشري کان 5 کان 8 هزار رپيا ڪٽيا وڃن ٿا جڏهن ته فرنچائز مالڪ ۽ نوازش ميمڻ هر ڊوائيس هولڊر کان 400 کان 500 رپيا في بينيفيشري وصول ڪن ٿا جنهن مان 60 سيڪڙو سهيل ملڪ پاڻ رکي ٿو ۽ 40 سيڪڙو نوازش ميمڻ وٺي ٿو، وڌيڪ انڪشاف ٿيو ته بي آءِ ايس پي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر معروف ڀانڀڻ هر ڊوائيس هولڊر کان 2 کان 4 لک رپيا، وفاقي جاچ اداري جا اهلڪار 60 هزار رپيا في ڊوائيس، حد جي پوليس 50 هزار رپيا ۽ اسپيشل برانچ جا اهلڪار 60 هزار رپيا في ڊوائيس هولڊر وٺن ٿا، سهيل ملڪ ٻڌايو ته اذلان ڪنڀو وٽ 7 ڊوائيسز آهن جن مان 3 سندس ۽ 4 سندس دوستن جون آهن جڏهن ته هڪ ڊوائيس سهيل ملڪ پاڻ هلائي ٿو، نوازش ميمڻ وٽ 2 ڊوائيسز آهن جيڪي سمير ۽ طارق آرائين هلائن ٿا، ڊگري ۽ ميرواهه علائقن ۾ 14 کان 16 ڊوائيسز آهن جن کي طارق آرائين ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ سموري مالي لين دين پاڻ سنڀالي ٿو، قربان خاصخيلي وٽ 2 ڊوائيسز آهن جيڪي ميرپورخاص ٽول ۽ سلطان آباد ۾ هلن ٿا جڏهن ته شهزاد لغاري وٽ 2 ڊوائيسز آهن جيڪي ٽنڊو الهيار جي علائقي مسڻ ۾ هلن ٿا، فرنچائزن کي ڪمپني طرفان هر مهيني 2200 کان 2500 سم ايڪٽيويشن جو ٽارگيٽ ڏنو ويندو آهي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ سادي عورتن کي لالچ ڏئي سندن سڃاڻپ ڪارڊ وٺي سمون جاري ڪيون وڃن ٿيون جيڪي بعد ۾ وڏي رقم عيوض وڪرو ڪري غيرقانوني سرگرمين ۾ استعمال ٿين ٿيون، هن غيرقانوني ڪاروبار ۾ اسد، طارق آرائين، بهاول عمراني، قربان خاصخيلي ۽ ٻيا به شامل آهن جڏهن ته سڄي نيٽ ورڪ جو ماسٽر مائينڊ بي آءِ ايس پي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر معروف ڀانڀڻ ۽ نوازش ميمڻ کي قرار ڏنو ويو آهي، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته معروف ڀانبهن جي رڪوري سندس ڊرائيور خالد ذريعي ڪئي ويندي آهي ۽ انڪار ڪرڻ تي ڌمڪيون پڻ ڏنيون وينديون آهن، رياستي ادارن هن سنگين ڪرپشن خلاف ڪڙي ڪارروائي شروع ڪري وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، شهري حلقن هن ڪارروائي کي ساراهيندي مطالبو ڪيو آهي ته نادار عورتن جو حق هڙپ ڪندڙ بااثر مافيا کي بي نقاب ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي .