اسلام آباد (اعزاز سيد/فخر دراني) فيلڊ مارشل، آرمي چيف جنرل عاصم منير هڪ خصوصي جهاز ذريعي ايران جو دورو ڪيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان جهاز جو اطلاع آمريڪا ۽ اسرائيل کي به ڏنو ويو هو ته جيئن امن عمل دوران ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي. ان سان گڏ گهرو وزير محسن نقوي ۽ هڪ ٽيڪنيڪل ٽيم به موجود آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ بنيادي تڪرار يورينيم جي ذخيري تي آهي. آمريڪا چاهي ٿو ته ايران پنهنجو يورينيم ڪنهن ٻئي ملڪ حوالي ڪري يا ان کي ضايع ڪري، جڏهن ته ايران ان کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي آءِ اي اي اي جي نگراني ۾ ڊائليوٽ ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي. امڪان آهي ته معطل ٿيل ڳالهيون جلد اسلام آباد ۾ ٻيهر شروع ٿينديون. ايراني سفير پڻ تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان انهن جي پهرين ترجيح آهي. پاڪستان جو موقف آهي ته لبنان جو امن ان سڄي امن عمل جو حصو آهي. اسرائيل هن وقت ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ اتي سياسي تبديلي چاهي ٿو. اسرائيلي ڪابينا في الحال جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ آمريڪا پاران دٻاءُ وڌي رهيو آهي.