ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ 31 ارب رپين جي ڪڻڪ ڪرپشن ۽ لاپرواهي جو شڪار ٿي آهي، خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ 31 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪڻڪ جي نقصان ۽ ڪرپشن جو هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي. ڪڻڪ جي وڏي مقدار يا ته چوري ڪئي وئي آهي يا ان ۾ مٽي ملائي استعمال لائق نه بڻايو ويو آهي. ڪيس نيب ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ خوراڪ کاتي جي گودامن بابت سنڌ حڪومت کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ حساس تفصيل سامهون آيا آهن. رپورٽ موجب، خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ 31 ارب 63 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ جو ڪل نقصان ظاهر ٿيو آهي. پهرين آڪٽوبر 2025 تي، سرڪاري گودامن ۾ 1.384 ملين ٽن ڪڻڪ هئي، جنهن جي ڪل قيمت 2 ارب 63 ڪروڙ رپيا هئي.هن ذخيري مان هڪ لک اٺ هزار ٽن ڪڻڪ پراسرار طور تي غائب ملي آهي، جنهن جي قيمت 15 ارب 83 ڪروڙ رپيا آهي. ان کان سواءِ 39,000 ٽن ڪڻڪ گودامن ۾ پيل هئي، جنهن جي ڪري 5.81 ارب رپين جو نقصان ٿيو. سڀ کان سنگين انڪشاف اهو ٿيو آهي ته 68,000 ٽن ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ ريتي ملي هئي، جنهن جي ڪري هن ڪڻڪ کي انساني استعمال لاءِ نامناسب قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ 9.98 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي.هن وقت تائين 798,000 ٽن ڪڻڪ فلور ملز کي جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 389,000 ٽن معياري ڪڻڪ اڃا تائين موجود آهي. هن ميگا ڪرپشن اسڪينڊل تي سخت ڪارروائي ڪندي، حڪومت 20 کان وڌيڪ خوراڪ کاتي آفيسرن کان تحريري جواب طلب ڪيا آهن ۽ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته ملوث آفيسرن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويندو. حڪومت اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ لينڊ روينيو ايڪٽ تحت رقم وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته 500 ملين رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جا ڪيس قومي احتساب بيورو کي موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.