عورت جو”ھڪ ساهه“ هر هٿ ٺوڪي “غيرت“ کان اتم آھي

محمد احسان لغاري

سنڌ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي سندس ٻن پوڙهن وحشي مائٽن هٿان قتل ڪرڻ وارو واقعو رڳو دردناڪ نه آهي؛ اهو اسان جي سماج جي اُن گھري بيماريءَ جو اظهار آهي، جنهن ۾ عورت جي زندگيءَ جي قيمت اڃا تائين خاندان جي عزت کان گهٽ سمجهي وڃي ٿي. هن واقعي ۾ رڳو هڪ ڇوڪري کي نه ڪٺو ويو آھي؛ اُن سان گڏ سندس خواب، مستقبل، خواهشون، تعليم، کل، وجود، ۽ عورت جي انسان هجڻ جو حق به قتل ڪيو ويو.

ھي پدرشاھي سماج اھڙن واقعن کي عزت لاءِ قتل سڏڻ جي بي حيائي ڪري ٿو. پر حقيقت ۾ هي اصطلاح پاڻ ۾ ئي هڪ اخلاقي دوکو آهي. قتل ۾ عزت ڪٿي آهي؟ هڪ بي وس ڇوڪريءَ کي پنهنجي ئي گهر وارن هٿان مارڻ ۾ ڪهڙي غيرت آهي؟ جيڪڏهن هڪ پوڙهو ڏاڏو، جنهن کي پنهنجي پوٽيءَ لاءِ محبت، حفاظت ۽ شفقت جو سرچشمو هئڻ گهرجي، ساڳئي پوٽيءَ جو قاتل بڻجي وڃي، ته پوءِ اصل بي عزتي ڪنهن جي ٿي؟ ڇوڪريءَ جي يا ان سماج جي، جنهن هن قتل کي غيرت جو نالو ڏنو؟

ڏکڻ ايشيا، خاص ڪري سنڌ ۽ پاڪستان ۾، عزت، غيرت، ناموس، شرم ۽ ماڻھو مھڻو ٿا ڏين جهڙا تصور رڳو لفظ ناهن. اهي اهڙا سماجي هٿيار آهن، جن جي ذريعي عورتن جي زندگيءَ تي ضابطو رکيو وڃي ٿو. مرد جي عزت سندس سچائي، محنت، انصاف يا انسانيت سان نه، پر عورت جي خاموشي، پردي، فرمانبرداري ۽ جنسي پاڪيزگيءَ سان ڳنڍي وڃي ٿي. ۽ ان پاڪائي جي وصف ڪير ۽ ڇو ڪري!؟ اهڙيءَ طرح عورت جو جسم ڪٽنب جي ساک جو ميدان بڻجي وڃي ٿو!

جيڪڏهن ڪا ڇوڪري پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ چاهي، هوءَ پڙهڻ چاهي، هوءَ ڪنهن سان ڳالهائي، طلاق وٺڻ چاهي، جيڪڏهن هوءَ پنهنجي زندگيءَ بابت ڪو فيصلو پاڻ ڪرڻ چاهي، ته پوءِ اهو فقط سندس ذاتي فيصلو نه رهندو آهي. ان کي سڄي خاندان جي عزت سان ڳنڍيو وڃي ٿو! پوءِ ڇوڪري جو پنھنجو وجود، انسان ھجڻ، بلڪل گم ٿي وڃن ٿا؛ هوءَ خاندان جي عزت جو بار بڻجي وڃي ٿي. سندس جسم، زبان، لباس، موبائل فون، اسڪول وڃڻ، ساھيڙيون دوستيون، سندس شادي، سڀ ڪجهه جاچ ۽ نظرداري ۾ اچي وڃي ٿو .اهو ئي سبب آهي جو عزت جي نالي ۾ ٿيندڙ قتل رڳو اوچتي ڪاوڙ جو نتيجو ناهن هوندا. اهي گهڻو ڪري اڳواٽ طئي ٿيل هوندا آهن. خاندان جا مرد ويهي صلاح ڪندا آهن. برادريءَ جا ماڻهو خاموش رهندا آهن. پاڙي وارا سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ڪجهه نه چوندا آهن. جرڳا ۽ پنچائتون اهڙن قتلن کي ڪڏهن کلي، ته ڪڏهن خاموشيءَ سان جائز بڻائينديون آهن. پوءِ هڪ ڏينهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي گولي هڻي، ساڙي، ڦاهو ڏئي، يا زهر ڏئي قتل ڪيو ويندو آهي! ۽ پوءِ چيو ويندو آهي ته عزت بچي وئي.

پر حقيقت ۾، عزت نه بچندي آهي؛ رڳو ڏھڪاءُ ۽  خوف بچندو آهي. اهو خوف، جيڪو ٻين ڇوڪرين کي چپ رهڻ سيکاري ٿو. اهو خوف، جيڪو عورتن کي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ کان روڪي ٿو. اهو خوف، جيڪو مائرن کي پنهنجين ڌيئرن تي نظر رکڻ تي مجبور ڪري ٿو. اهو خوف، جيڪو ڀينرن کي ڀائرن کان، ۽ ڌيئرن کي پيئرن کان ڊڄڻ سيکاري ٿو.

نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عزت جي نالي ۾ ٿيندڙ تشدد جو بنياد شرم جي خوف ۾ هوندو آهي. مردن کي اهو خوف هوندو آهي ته جيڪڏهن عورت سندن مرضيءَ خلاف ڪجهه ڪيو، ته ماڻهو کين بي غيرت چوندا. سنڌي ۽ پاڪستاني سماج ۾ ماڻھو ڇا چوندا جو خوف ڪڏهن ڪڏهن قانون کان به وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. هڪ مرد لاءِ برادريءَ جي نظر ۾ بي غيرت سڏجڻ، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي ڌيءَ يا پوٽيءَ جي قتل کان به وڌيڪ خوفناڪ محسوس ٿيندو آهي.اهڙي سوچ خاص طور انهن مردن ۾ وڌيڪ شديد هوندي آهي، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو خاندان تي حڪمراني ڪندي گذارين ٿا. پوڙها ڏاڏا، چاچا يا پيءُ اڪثر پنهنجي خاندان جي آخري محافظ ٿيڻ جو احساس رکندا آهن. انهن لاءِ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي آزادي، تعليم، محبت يا مزاحمت رڳو هڪ ذاتي فيصلو نه هوندي آهي؛ اها سندن سڄي مرداڻي اقتدار لاءِ خطرو هوندي آهي. پوءِ قتل، سندن نظر ۾، غيرت بچائڻ جو آخري رستو بڻجي ويندو آهي.

عالمي تحقيق ڏيکاري ٿي ته عزت جي نالي ۾ ٿيندڙ تشدد صرف جسماني ناهي؛ اهو عورتن تي مڪمل نفسياتي ڪنٽرول/ ضابطي جو نظام آهي. ڪيترين ڇوڪرين کي ننڍپڻ کان اهو سيکاريو وڃي ٿو ته هو خاندان جي عزت آهن ، تنهنڪري هنن کي چپ رهڻو آهي، گهٽ ڳالهائڻو آهي، کلڻو ناهي، ڪنهن سان دوستي نه ڪرڻي آهي، پنهنجي مرضي نه هلائڻي آهي. اهڙي تربيت سان عورت پنهنجي اندر ئي اهو خوف ويهاري ڇڏي ٿي ته سندس هر عمل سان خاندان جي ساک جڙيل آهي.

اهو نفسياتي دٻاءُ عورتن جي سڄي زندگيءَ کي  نه نظر ايندڙ ڪڙولن ۾ قابو ڪري ٿو. هوءَ پنهنجو فيصلو ڪرڻ، ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ کان ڊڄي ٿي. هوءَ پنهنجي پسند بابت کليو يا لڪيل اظهار ڪرڻ کان پڻ ڊڄي ٿي. هوءَ گهر کان ٻاهر نڪرڻ، پڙهڻ، ڪم ڪرڻ يا محبت ڪرڻ کان به ڊڄي ٿي. اهڙي سماج ۾ عورت رڳو جسماني طور نه، پر ذهني طور به قيد ٿي وڃي ٿي.

سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جهڙي رسم انھي ڪوڙي عزت واري سوچ جو سڀ کان بي رحم روپ آهي. هتي عورت کي رڳو الزام جي بنياد تي ماريو وڃي ٿو. ڪيترن ڪيسن ۾ نه ڪو ثبوت هوندو آهي، نه ڪو گواهه، نه ڪو انصاف. ڪڏهن زمين جي تڪرار لاءِ عورت کي ڪاري چيو ويندو آهي. ڪڏهن جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ. ڪڏهن رڳو ان ڪري، جو ڪنهن مرد کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻي هوندي آهي. اهڙيءَ طرح عورت جو قتل، سماجي صفائيءَ جو عمل بڻجي وڃي ٿو.

اهڙي سماج ۾ عورتون به ڪڏهن ڪڏهن هن ظلم جو حصو بڻجي وڃن ٿيون. مائرون، ڏاڏيون، سسون ۽ ڀينرون پاڻ به ٻين عورتن تي ضابطو رکڻ لڳن ٿيون. اهي ڇوڪرين کي چون ٿيون: ڪجهه  نه ڪڇو، خاندان جي عزت خراب نه ڪيو، ماڻھو جيئڻ  نه ڏيندا، ڀائرن کي ڪاوڙ ايندي. اهڙيءَ طرح ظلم رڳو مردن جو عمل نه رهندو آهي؛ اهو سڄي سماج جي سوچ بڻجي ويندو آهي. پر عورتن خلاف هي تشدد صرف جسماني نه هوندو آهي. ان کان اڳ عورتن کي ذهني طور ڀور ڀور ڪيو ويندو آهي. سندن فون چڪاس ٿيندا آهن. کين اسڪول يا يونيورسٽي وڃڻ کان روڪيو ويندو آهي. سندن شاديون زبردستي ڪرايون وينديون آهن. جيڪڏهن هوءَ طلاق وٺي، ته کيس خاندان لاءِ داغ چيو ويندو آهي. جيڪڏهن هوءَ ظلم خلاف آواز اٿاري، ته کيس بدڪردار چيو ويندو آهي. جيڪڏهن هوءَ گهر ڇڏي، ته کيس مارڻ لائق سمجهيو ويندو آهي.

قانون به گھڻو ڪري عورتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندو رھي ٿو. ڪيترن قاتلن کي خاندان معاف ڪري ڇڏيندو آهي. ڪيترن ڪيسن ۾ پوليس رپورٽ ئي صحيح نه لکجي ٿي. ڪڏهن قتل کي خودڪشي چيو ويندو آهي، ڪڏهن حادثو. ڪيترائي ماڻهو، جيڪي عورتن کي قتل ڪن ٿا، ڪجهه مهينن بعد ٻيهر ساڳئي سماج ۾ عزت سان گهمندا نظر اچن ٿا. اها صرف قانون جي ناڪامي ناهي؛ اهو سماج ۽ پدرشاھي تي ھلندڙ رياست جي  ناڪامي آهي. عالمي ادارن موجب، دنيا ۾ هر سال هزارين عورتون پنهنجن ئي گهرن يا مٽن مائٽن هٿان قتل ٿين ٿيون. پاڪستان ۾ به هر سال سوين عورتون عزت جي نالي ۾ قتل ٿين ٿيون، جڏهن ته ڪيترائي ڪيس رپورٽ ئي نٿا ٿين. اهڙيءَ طرح عورت لاءِ سڀ کان خطرناڪ جاءِ گهڻو ڪري گهر پاڻ بڻجي وڃي ٿو. جنهن گهر کي تحفظ، محبت ۽ آرام جي جاءِ هئڻ گهرجي، اهو ئي عورت لاءِ خوف، خاموشي ۽ موت جي جاءِ بڻجي وڃي ٿو.

اسان کي عزت جي مفهوم ۽ معني کي ٻيهر لکڻ جي ضرورت آهي. عزت عورت کي خاموش ڪرڻ ۾ ناهي. عزت عورت جي مرضي سان ڳالھائڻ ۾ آھي. عزت عورت کي قيد ڪرڻ ۾ ناهي. عزت هن کي تعليم، تحفظ، آزادي ۽ چونڊ جو حق ڏيڻ ۾ آهي. بلڪہ حق ۽ آزادي اڳ ۾ ئي ھجڻ سان آھي۔ اھي حق عورت پنھنجو پاڻ کي ڏي ٿي،  نه ڪي مرد! سماج ۽ رياست آئيني گھاڙيٽن تحت عورت مرد کي برابري ڏيڻ جا پابند ھجڻ گھرجن ڇو جو ھو پابند آھن!  ھي عزت ۽ موت جو عورت لاءِ پروانو  نه فطرت ۾ آھي؛ ۽  نه ئي ڪنھن مذھب ۾۔ ھي پدرشاھي جي سگھه ۽ عورت کي ملڪيت سمجھڻ جي پويان لڪيل آھي! ڇو ته جنهن سماج ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي ساهه کان وڌيڪ اهميت ماڻھو ڇا چوندا کي ڏني وڃي، اتي عزت نه، رڳو خوف ۽ ظلم حڪومت ڪن ٿا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.