خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڊي اي او آفيس (پرائمري) طرفان 15 اپريل 2026 تي جاري ڪيل هڪ باضابطا خط ۾ سڀني تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن (پرائمري) مرد ۽ عورتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي اختيارن جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪندڙ سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي کان فوري طور حلف ناما جمع ڪرائين، جن ۾ اهو واضح ڪيو وڃي ته اهي ڪنهن به ٻي سرڪاري يا نجي نوڪري يا روزگار سان لاڳاپيل نه آهن.
خط ۾ چيو ويو آهي ته هي قدم اعليٰ اختيارين جي هدايتن ۽ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي پاليسي تحت کنيو پيو وڃي ته جيئن تعليمي عملي جو مڪمل ڌيان سرڪاري فرضن تي رکي سگهجي.
لاڳاپيل آفيسرن کي اهو به تاڪيد ڪيو ويو آهي ته هو هن هدايت تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائين ۽ جلد کان جلد مڪمل رپورٽ آفيس ڏانهن موڪلين.
خط تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) خيرپور اياز حسين مهيسر جون صحيحون موجود آهن، جڏهن ته ان جي نقل ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري سکر ريجن ۽ آفيس جي رڪارڊ لاءِ پڻ موڪلي وئي آهي.
ٻئي طرف ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايوولوشن ياسين قربان عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙو ڪو به آرڊر منهنجي علم ۾ ناهي ۽ جيڪڏهن ٿيو به آهي ته اهو سٺو عمل آهي ۽ ان ۾ ڪا بري ڳالهه ناهي.
هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر انيس الرحمان ميمڻ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڊائريڪٽر پرائمري آرڊر جاري ڪيو آهي پر مون اڃا تائين جاري ناهي ڪيو، اهو فيصلو ڊپٽي ڪمشنر سکر جي گڏجاڻي ۾ ٿيو هو.
فهميده لغاري واقعي بعد تعليم کاتو جاڳي پيو، استادن ۽ عملي کي ٻي نوڪري نه ڪرڻ جو حلف نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت
You might also like